گيهه ۽ تيل جي قيمتن ۾ 150 رپيا في ڪلو تائين واڌ جو امڪان

اسلام آباد (بيورو) پيٽرول مهانگو ٿيڻ کان پوءِ ملڪ ۾ گيهه ۽ کاڌي جي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، بناسپتي مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن موجب گيهه ۽ تيل جي قيمتن ۾ 100 کان 150 رپيا في ڪلو تائين اضافو ٿي سگهي ٿو، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ سبب ملن جي خرچن ۾ اضافو ٿيو آهي، ايڊوائز پي وي ايم اي موجب پيٽروليم شيون مهانگيون ٿيڻ سبب ملن جي لاڳت وڌي وئي آهي، جڏهن ته ٽرانسپورٽيشن ۽ پيداوار جا خرچ به نمايان طور وڌي ويا آهن، ايڊوائز پي وي ايم اي وڌيڪ چيو آهي ته حڪومت فوري طور پينل جوڙي ته جيئن قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ ڪو رستو ڪڍي سگهجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.