سکر ڀرسان ڪارنهن تڪرار تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل،ٻيو زخمي

سکر (رپورٽ :شفيع محمد ابڙو )سکر جي باگڙجي ٿاڻي جي حد  جي حدن ۾ واقع ڳوٺ نڀائو جتوئي باگڙجي ٻيلي ۾ پراڻي ڪارنهن دشمني جي نتيجي ۾ فائرنگ جنهن جي نتيجي ۾ هڪ شخص مارجي ويو جڏهن ته هڪ ڄڻو سخت زخمي ٿي پيو، ان سلسلي ۾ عطراڻي جتوئي ۽ ڪائماني جتوئي برادرين وچ ۾ پراڻي دشمني تڪرار تان  عطراڻي جتوئي برادري جي نامعلوم ماڻهن ڪائماني جتوئي برادري جي زمين تي ڪم ڪندڙ ماڻهن تي اوچتو فائرنگ ڪري ڏني. فائرنگ جي نتيجي ۾  رسول بخش عرف بلي ولد فتح شير ڪائماني جتوئي (عمر لڳ ڀڳ 55/56 سال) گوليون لڳڻ سبب موقعي تي ئي مارجي ويو جڏهن ته علي بهر ولد رسول بخش گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو، ان ڏس ۾ ذريعن موجب واقعي بعد حملي ڪندڙ نامعلوم ماڻهو گهر مان مينهون به پاڻ سان گڏ ڪاهي فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهچي لاش ۽ زخمي کي فوري طور سرڪاري اسپتال باگڙجي منتقل ڪيو. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.