چڪ ڀرسان ڪرسي جتوئي جاگيراڻي تڪرار تيز، فائرنگ، نوجوان قتل

لکي غلام شاهه (رپورٽ: نديم جان مهر) چڪ لڳ ڳوٺ گلشير جاگيراڻي ۾ ڪرسي جتوئي جاگيراڻي تڪرار ٻيهر ڀرڪي پيو ھٿياربندن جي فائرنگ ڳوٺ گلشير جاگيراڻي واسي نوجوان فدا حسين جاگيراڻي قتل،  ڌرين وچ فائرنگ ڇڪتاڻ تيز ٿيوئي، اطلاع تي چڪ پوليس پهچي لاش هٿ ڪري ورتو (تفصيل موجب) چڪ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گلشير جاگيراڻي ۾ لڪل هٿيار بندن جي فائرنگ نوجوان فدا حسين جاگيراڻي قتل ٿي ويو جنهن بعد هٿياربندن ڳوٺاڻن وچ م فائرنگ جو سلسلو شروع ٿي ويو جاگيراڻي ڌر جو الزام آهي ته فدا حسين جاگيراڻي کي ڪرسي برادري جي سوڀارو ڪرسي جتوئي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪندي قتل ڪيو آهي. جاگيراڻي ڪرسي جتوئي ڌرين وچ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي هڪٻئي مٿان فائرنگ ڪئي وئي اطلاع تي چڪ پوليس پهچي مقتول جو لاش هٿ ڪري چڪ اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو مقتول جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو جاگيراڻي برادري جي چڱي مڙس قائم الدين جاگيراڻي جو چوڻ آهي ته جتوئي سردارن وٽ ٺاھ ڪرڻ باوجود سوڀارو ڪرسي جتوئي سندس ڀاءُ فدا حسين کي قتل ڪرايو آهي ٺاھ جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي ايس ايس پي شڪارپور ۽ قبائلي سردار نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين ٻئي طرف ٻڌايو وڃي ٿو ته هڪ سال اڳ زمين جي مالڪي تان سوڀارو ڪرسي جتوئي قائم الدين جاگيراڻي وچ تڪرار تان سوڀارو ڪرسي جتوئي جو پٽ ٽلڻ عرف ٽلو ڪرسي جتوئي قتل ٿيو هو جنهن جو ڪجهه مهينا اڳ جتوئي هائوس شڪارپور تي ٺاھ پڻ ڪيو ويو هو.

  1. ايڊمٽ ڪارڊ ۾ بدنظمي،ڪراچي ۾ ميٽرڪ جي امتحان جي تاريخ ۾ واڌ

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ميٽرڪ امتحان ملتوي،نئين تاريخ تياريون نامڪمل هجڻ جي دعويٰ، جڏهن ته بورڊ سمورن انتظامن کي مڪمل قرار ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پرائيويٽ اسڪولز اتحاد سڀاڻي کان شروع ٿيندڙ ميٽرڪ امتحان ملتوي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، پرائيويٽ اسڪولز اتحاد موجب اڃا تائين امتحاني مرڪز فائنل ناهن ڪيا ويا ۽ نه ئي ايڊمٽ ڪارڊ جاري ٿي سگهيا آهن، تنظيم جو چوڻ آهي ته امتحاني سامان به ناهي پهتو ۽ نه ئي امتحاني مرڪزن بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٻيا انتظام به اڃا نامڪمل آهن، ٻئي پاسي ميٽرڪ بورڊ جي ترجمان چيو آهي ته امتحانن لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ ايڊمٽ ڪارڊ بورڊ آفيس جي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن، ٻئي پاسي ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي سالياني امتحان جي تاريخ وڌائي وئي آهي،ميٽرڪ بورڊ جي چيئرمين مطابق ساليانو امتحاني هاڻي جمعو 10 اپريل کان ورتو ويندو،واضح رهي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جا امتحان 7 اپريل کان شروع ٿيڻا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.