سنڌ ۾ برسات جي اڳڪٿي، ادارا الرٽ آهن\شرجيل ميمڻ

ڪراچي (پ ر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ مختلف ضلعن ۾ متوقع برساتن کي نظر ۾ رکندي صوبائي حڪومت سڀني لاڳاپيل ادارن کي الرٽ ڪري ڇڏيو آهي،  سکر، ڪشمور، گهوٽڪي، ڄامشورو، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ قمبر شهدادڪوٽ ۾ برسات ۽ ڳڙي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب، 6 اپريل تي برساتن ۾ شدت اچي سگهي ٿي، هڪ بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته امڪاني موسمي حالتن کي نظر ۾ رکندي، شهري علائقن ۾ نيڪال جا موثر انتظام يقيني بڻائي رهيا آهن، جڏهن ته حساس اڏاوتن ۽ بيٺل فصلن جي حفاظت لاءِ احتياطي اپاءَ ورتا پيا وڃن، سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته لاڳاپيل ادارن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته نيڪال جي نظام کي وڌيڪ موثر ۽ فعال رکيو وڃي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت منهن ڏنو وڃي. سنڌ حڪومت ضلعي انتظاميا، مڪاني ادارن، بچاءُ جي خدمتن ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن کي عوام کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو آهي، هن چيو ته هيٺاهين وارن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن ۽ غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ گهرجي، موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هارين کي حڪومتي هدايت ۽ مدد فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن اهي پنهنجي فصلن جي حفاظت لاءِ بروقت قدم کڻي سگهن، ۽ سنڌ حڪومت هارين سان گڏ بيٺي آهي جڏهن ته ڪنهن به امڪاني نقصان جي ازالي لاءِ هڪ موثر ايڪشن پلان تيار ڪيو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.