اسلام آباد (بيورو) بلوچستان ۾ گوادر ويجهو واقع جيواني ايئربيس جي فعال ٿيڻ جو فيصلو، اسٽريٽجڪ اهميت، بحري نگراني ۽ فضائي دفاع لاءِ ڪليدي ڪردار، علاقائي طاقت جي توازن تي اثر، دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حلقن ۾ بحث زور وٺي رهيو آهي ته پاڪستان بلوچستان جي سامونڊي علائقي ۾ واقع جيواني ايئربيس کي ٻيهر فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو آخري ڀيرو ورلڊ وار دوران برطانيا پاران استعمال ڪيو ويو هو، اهو گوادر پوٽ اهو جي ويجهو آهي، جيڪو چين-پاڪستان اقتصادي راهداري لاءِ فضائي تحفظ ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪري سگهي ٿو، خليج عمان، آبنائي هرمز ۽ بحيره عرب جي ويجهو هجڻ سبب بحري نگراني ۽ دفاع لاءِ هڪ ڪليدي مقام آهي، جتان پاڪستان نيوي ۽ فضائيه آپريشنل صلاحيت وڌائي سگهي ٿو، ايران جي اهم بندرگاهه چابهار پورٽ جي ويجهو هجڻ سبب علائقائي اسٽريٽجڪ توازن ۾ به اثرانداز ٿي سگهي ٿو، ماهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ايئربيس مڪمل طور فعال ڪئي وڃي، پاڪستان جي پوزيشن ڀارت، ايران، آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ جاري اسٽريٽجڪ مقابلي ۾ مضبوط ٿيندي.
-
ڀرياسٽي ڀرسان شر برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل
ڀرياسٽي/ ڀريارو/ محراب ور(نمائندن وٽان) ڀرياسٽي ڀرسان پراڻي تڪرار تان شر برادري ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو قتل، وارثن جو لاش رکي لاکاروڊ پوليس خلاف احتجاج، لاکاروڊ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينڌرو شر ۾ شر برادي جي ٻن ڌرين پراڻي تڪرار تانجهيڙو، هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، جيهڙي ۽ فائرنگ سبب گولي لڳڻ ڪري ٻه ڄڻا مرڻنگ ٿي پيا جڏهن ته هڪ ڄڻو صدورو پٽ سکيو شر زخمن جو سورنه سهندي فوت ٿي ويو جڏهن ته فائرنگ سبب آڪاش شر پڻ زخمي ٿي پيو جنهن کي مقامي اسپتال نيو ويو، متاثر شر برادري جي ماڻهن مقتول جو لاش رکي لاکاروڊ پوليس ۽ صحت کاتي خلاف ٻه ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو، متاثرن چيو ته بنا جواز سرعام ڏينهن ڏٺي جو اسان جي نوجوان صدورو پٽ سکيو شر کي قتل ڪيو ويو پر پوليس جوابدارن گرفتار نه ڪيو ۽ نه وري لاش کڻڻ لاءِ ڪا ايمبولينس جي سهولت ۾ ملي، هنن مطالبو ڪندي چيو ته فورن قاتل گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، واقعي واري هنڌ لاکاروڊ پوليس پهچي زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو هو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ پوليس پيڪٽ قائم ڪري ڌرين کي وڌيڪ خونريزي کان روڪي ورتو، آخري اطلاع تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، وڌيڪ خونريزي جو خدشو ٻڌايو پيو وڃي.