آمريڪي پائليٽ کي هٿ نه ڪري ايران هڪ وڏو موقعو وڃائي ڇڏيو؟

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)ايران جي فضائي حدن ۾ ڪيرايل آمريڪي ايف-15 جنگي جهاز جي پائلٽ کي بچائڻ وارو مشن آمريڪي عسڪري تاريخ جي سڀ کان ڏکين ۽ اعصاب کي ڇڪيندڙ مقابلن مان هڪ قرار ڏنو پيو وڃي، دفاعي ماهرن موجب هي ڪامياب آپريشن آمريڪي پائلٽ کي ايران جي حڪومت لاءِ سياسي مہر يا سودي بازي جو ذريعو بڻجڻ کان بچائي ورتو۔آمريڪي نيوز چينل ’سي اين اين‘ جي تجزيه نگار ايلڪس پلٽساس جو چوڻ آهي ته هي مشن دشمن جي سرحدن اندر وڃي پنهنجي سپاهي کي ڪڍي آڻڻ جو اهڙو مثال آهي، جيڪو تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو۔سندس مطابق جيڪڏهن هي پائلٽ گرفتار ٿي وڃي ها ته ايران ان کي عالمي سطح تي هڪ وڏي هٿيار طور استعمال ڪري سگهي ها، پر هن ڪامياب ڪارروائي ايران جي انهن ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو۔فوجي ماهر ۽ رٽائرڊ ميجر جنرل مارڪ ميڪ ڪارلي هن مشن جي حساسيت تي روشني وجهندي ٻڌايو ته جنهن علائقي ۾ جهاز ڪِريو اهو انتهائي ڏکيو ۽ جبلن وارو هو، جتي پهچڻ جان جوکي وارو ڪم هو۔ صورتحال تڏهن وڌيڪ سنگين ٿي وئي جڏهن ايراني اختيارين پائلٽ کي پڪڙڻ واري لاءِ وڏي انعام جو اعلان ڪيو۔جنرل ميڪ ڪارلي موجب پائلٽ زخمي هو ۽ ان وٽ کائڻ پيئڻ جو سامان ۽ پاڻي به تمام گهٽ هو، جڏهن ته ٻئي پاسي انعام جي لالچ ۾ مقامي ماڻهو ۽ ايراني فورسز کيس هر هنڌ ڳولي رهيون هيون۔ اهڙي حالت ۾ پائلٽ پنهنجي هٿ ۾ موجود هنگامي سگنل ڏيڻ واري اوزار جو استعمال ڪيو، جنهن مسلسل هيڊ ڪوارٽر کي سندس لوڪيشن بابت آگاهه رکيو ۽ اهو ئي سندس زندگي بچائڻ جو اهم ذريعو بڻيو۔آمريڪي سيڪيورٽي تجزيه نگار جم شوٽو ذريعن جي حوالي سان انڪشاف ڪيو آهي ته لاپتا پائلٽ جمعي جي منجهند ئي دشمن جي علائقي مان آمريڪي فوج سان رابطو ڪري ورتو هو۔ هن رابطي کان پوءِ ريسڪيو آپريشن جون تياريون تيز ڪيون ويون، پر پائلٽ جي زخمي هئڻ سبب ٽيم کي کيس اتان ڪڍڻ ۾ سخت ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پيو۔هن چيو ته مشن دوران آمريڪي جهازن پائلٽ جي ڳولا لاءِ تمام گهٽ اوچائي تي اڏامون ڪيون، جنهن سبب انهن تي زميني حملي جو وڏو خطرو موجود هو۔ ان باوجود آمريڪي ڪمانڊوز ۽ فضائيه گڏيل هم آهنگي سان هن مشن کي مڪمل ڪيو۔آسٽريليا جي فوج جي رٽائرڊ ميجر جنرل ميڪ ريان جو چوڻ آهي ته اهڙي پيچيده آپريشن کي دنيا جي ڪا ٻي فوج شايد ئي ڪري سگهي۔سندس مطابق جيئن ئي جهاز ڪِرڻ جي تصديق ٿي، آمريڪي فضائيه ۽ خاص دستن هنگامي رٿابندي شروع ڪري ڏني۔جنرل ميڪ ريان موجب، جيتوڻيڪ ايراني حدن ۾ اڏامڻ خطري کان خالي نه هو، پر هڪ مهيني کان جاري جنگ سبب ايران جو دفاعي نظام ڪافي حد تائين ڪمزور ٿي چڪو هو، جنهن جو فائدو آمريڪي ٽيم کي مليو۔هن ٻڌايو ته هاڻي تائين ڏهه هزار کان وڌيڪ پروازن ۾ هي صرف پهريون جنگي جهاز هو جيڪو ڪِريو، جيڪو آمريڪي فضائي برتري جو ثبوت آهي۔ هي آپريشن رڳو هڪ فوجي جي واپسي نه پر آمريڪي عسڪري طاقت جو وڏو مظاهرو به آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.