ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ڪراچي پاران پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڏنل احتجاجي سڏ کي روڪڻ لاءِ پوليس پاران سخت ڪارروائي ڪئيوئي، جنهن دوران شيلنگ ۽ لٺبازي سبب علائقو ميدانِ جنگ بڻجي ويو. پوليس پريس ڪلب جي چوطرف ڪنٽينر لڳائي ناڪابندي ڪري ڇڏي، جنهن ڪري صدر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ڪرفيو جهڙو ماحول پيدا ٿي ويو. پي ٽي آءِ جا ڪارڪن جڏهن ريلين جي صورت ۾ پريس ڪلب ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته زينب مارڪيٽ وٽ پوليس کين روڪڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪئي ۽ لٺبازي ڪئي. ان ڪارروائي دوران عالمگير خان، دوا خان صابر، وومين ونگ جي صدر فضا ذيشان، ايڊوڪيٽ خالد محمود ۽ ٻين سميت 30 کان وڌيڪ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو. سخت رڪاوٽن جي باوجود حليم عادل شيخ، راجا اظهر ۽ ارسلان خالد جي قيادت ۾ ڪارڪنن صدر ۾ احتجاجي ريليون ڪڍيون ۽ حڪومت خلاف نعري بازي ڪئي. ان موقعي تي پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي، اٽو، کنڊ ۽ گيهه غريب جي پهچ کان ٻاهر ٿي ويا آهن. هن سنڌ حڪومت کي فاشسٽ قرار ڏيندي چيو ته صحافين کي پريس ڪلب وڃڻ کان روڪڻ ۽ پرامن شهرين تي تشدد ڪرڻ شرمناڪ آهي. ڪراچي جي صدر راجا اظهر ۽ ارسلان خالد چيو ته عورتن تي مرد پوليس اهلڪارن جو تشدد ناقابل قبول آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته گرفتار ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.