ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيل جا مناسب ذخيرا موجود آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ۾ تيل جا مناسب ذخيرا موجود آهن ۽ حڪومت ڏکئي وقت ۾ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم جي صدارتهيٺ پيٽروليم مصنوعات تي سبسڊي جي جائزي بابت هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن ۽ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻارڻ جي ذخيرن، کپت ۽ سبسڊي جي فراهمي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي ٻڌايو ته حڪومت ٽرانسپورٽ سيڪٽر کي وڏي سبسڊي فراهم ڪري رهي آهي، جنهن تحت مسافر بسن کي هڪ لک روپيا، ميني بسن ۽ ويگنن کي 40 هزار، مال بردار گاڏين کي 80 هزار ۽ ڊليوري وينن کي 35 هزار روپيا ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته روزاني جي استعمال جي شين جا اگهه مستحڪم رکڻ لاءِ ٽرڪن کي 70 هزار روپيا ماهوار سبسڊي ڏني پئي وڃي، جنهن جي شفافيت لاءِ رقم ’ڊجيٽل والٽس‘ ذريعي فراهم ڪئي ويندي. شهباز شريف انڪشاف ڪيو ته گذريل ٽن هفتن دوران مجموعي طور تي 129 ارب روپين جو عوامي رليف پيڪيج ڏنو ويو آهي. پيٽرول ليوِي ۾ 80 روپيا في ليٽر جي فوري گهٽتائي عوام کي وڏو فائدو پهچايو آهي. وزيراعظم واضح ڪيو ته پاڪستان ريلوي 6 ارب روپين جي سبسڊي برداشت ڪندي پر مسافر ۽ مال گاڏين جا ڪرايا نه وڌايا ويندا، جڏهن ته ٽال ٽيڪس ۾ ڪيل 25 سيڪڙو واڌ به واپس ورتي وئي آهي. هن بلوچستان حڪومت پاران رليف پيڪيج لاءِ پنهنجو حصو جمع ڪرائڻ جي واکاڻ ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته ٻيا صوبا به جلد پنهنجي رقم جمع ڪرائيندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.