مهانگائي جي ماريل عوام کي حقيقي ۽ تڪڙو رليف ڏيڻ جي ضرورت

ملڪ هن وقت اهڙي ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي، جتي مهانگائي عام ماڻهوءَ جي زندگيءَ کي سخت متاثر ڪري ڇڏيو آهي. روزمره جي استعمال جون شيون، ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا، ٻارڻ جون قيمتون ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جا خرچ وڌڻ سبب عام ماڻهو جي زندگي اڳي کان وڌيڪ ڏکي بڻجي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت طرفان عوام کي رليف ڏيڻ جا اعلان يقيناً اهم آهن، پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي قدم ڪافي آهن؟ ڇا اهي قدم مهانگائي جي بار هيٺ دٻيل عوام کي واقعي ساهه کڻڻ جو موقعو ڏئي سگهندا؟

تازو ٿيل هڪ اهم اجلاس ۾ حڪومت طرفان سبسڊي جي فراهمي، تيل جي ذخيرن ۽ عوامي رليف بابت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته حڪومت ٽرانسپورٽ جي شعبي کي سبسڊي ڏئي رهي آهي ته جيئن عوام تي ڀاڙن ۾ واڌ جو بار نه پوي. مسافر بسن کي هر مهيني هڪ لک رپيا ۽ مني بسن ۽ ويگنن کي هر مهيني 40 هزار رپيا سبسڊي ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اهڙي طرح ٽرڪن، وڏين مال بردار گاڏين ۽ ڊليوري وينن کي به سبسڊي فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن خوراڪ ۽ ٻين ضروري شين جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو نه ٿئي. ظاهر آهي ته ٽرانسپورٽ جو شعبو سڌي طرح عوام جي روزمره زندگيءَ سان لاڳاپيل آهي. جڏهن تيل مهانگو ٿئي ٿو ته ان جو اثر سڌو ٽرانسپورٽ تي پوي ٿو ۽ ٽرانسپورٽ مهانگي ٿيڻ سان بازار ۾ هر شيءِ جي قيمت وڌي وڃي ٿي. ان ڪري جيڪڏهن حڪومت ٽرانسپورٽ کي سبسڊي ڏئي ٿي ته ان جو مقصد اهو هوندو آهي ته مهانگائي جي رفتار کي ڪجهه حد تائين روڪيو وڃي، پر حقيقت اها آهي ته پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ مهانگائي جو مسئلو صرف ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن تائين محدود ناهي. هتي مسئلو گهڻو وسيع آهي. خوراڪ، بجلي، گئس، تعليم، صحت ۽ رهائش جهڙيون بنيادي ضرورتون اڳ ئي عام ماڻهوءَ جي پهچ کان ٻاهر ٿينديون پيون وڃن. اهڙي صورتحال ۾ عوام لاءِ هر قسم جو رليف اهم آهي، پر ساڳئي وقت اهو به ضروري آهي ته رليف جا قدم عارضي نه، پر مستقل ۽ مؤثر هجن.

حڪومت طرفان اهو به چيو ويو آهي ته سبسڊي جي رقم ڊجيٽل والٽن ذريعي ڏني پئي وڃي ته جيئن نظام ۾ شفافيت برقرار رهي. شفافيت يقيناً سٺي ڳالهه آهي، ڇاڪاڻ ته ماضي ۾ ڪيترين ئي اسڪيمن ۾ بدعنواني ۽ بي ضابطگين جون شڪايتون سامهون اينديون رهيون آهن. جيڪڏهن ڊجيٽل نظام ذريعي سبسڊي جي ادائيگي ڪئي وڃي ته ان سان نه رڳو بدعنواني گهٽجي سگهي ٿي، پر رقم به وقت تي مستحق ماڻهن تائين پهچي سگهي ٿي. اجلاس ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته سبسڊي جي فراهمي جو عمل طئي ٿيل وقت کان اڳ شروع ڪيو ويو آهي. اهو قدم ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته حڪومت عوامي مسئلن جي شدت کي محسوس ڪري رهي آهي. پر ان سان گڏ اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته ڇا صرف سبسڊي ڏيڻ سان مهانگائي جو مسئلو حل ٿي سگهي ٿو؟

حقيقت ۾ مهانگائي هڪ گهڻ رخو مسئلو آهي. ان جو سبب صرف تيل جي قيمتن ۾ واڌ يا ٽرانسپورٽ جي خرچن تائين محدود ناهن. عالمي مارڪيٽن ۾ تبديليون، ڪرنسي جي قدر ۾ گهٽتائي، پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ مارڪيٽ ۾ ناجائز منافع خوري جهڙا ڪيترائي عنصر مهانگائي کي وڌائين ٿا. جيڪڏهن انهن بنيادي سببن کي حل نه ڪيو ويو ته رليف جا قدم گهڻو وقت ڪارآمد ثابت نه ٿيندا.  اسان جي معاشري ۾ هڪ وڏو مسئلو اهو آهي ته حڪومت جي سٺين پاليسين جا فائدا ڪڏهن ڪڏهن عام ماڻهن تائين پهچڻ کان اڳ ئي ختم ٿي ويندا آهن. مثال طور جيڪڏهن ٽرانسپورٽ کي سبسڊي ڏني وڃي ٿي، پر ٽرانسپورٽر ڀاڙا گهٽائڻ بدران ساڳيا ئي رکن ٿا ته پوءِ ان سبسڊي جو اصل مقصد پورو نٿو ٿئي. ان ڪري ضروري آهي ته حڪومت صرف سبسڊي ڏيڻ تي اڪتفا نه ڪري، پر ان ڳالهه کي به يقيني بڻائي ته ان جا فائدا عوام تائين پهچن. حڪومت طرفان پيٽرول ليوي ۾ في ليٽر 80 رپين جي گهٽتائي ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. تيل جون قيمتون ڪنهن به ملڪ جي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون. جڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو ته ان جو اثر سڌو سنئون ٽرانسپورٽ، صنعت، زراعت ۽ ٻين شعبن تي پوي ٿو. ان ڪري جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت گهٽائي وڃي ٿي ته ان سان مهانگائي تي ڪنهن حد تائين ڪنٽرول آڻي سگهجي ٿو.

حڪومت طرفان ٽول ٽيڪس ۾ هر ٽن مهينن بعد 25 سيڪڙو واڌ جو فيصلو واپس وٺڻ به هڪ مثبت قدم آهي. ٽول ٽيڪس جي واڌ به ٽرانسپورٽ جي خرچن کي وڌائي ٿي، جنهن جو اثر آخرڪار عوام تي ئي پوي ٿو. پر انهن سڀني قدمن جي باوجود ملڪ جو عام ماڻهو اڃا تائين معاشي دٻاءَ هيٺ آهي. مزدور، هاري، ننڍا دڪاندار، سرڪاري ملازم ۽ وچولي طبقي جا ماڻهو مهانگائي جي وڌندڙ طوفان ۾ گهڻو متاثر ٿيا آهن. سندن آمدني ساڳي آهي يا گهٽ وڌ ٿي آهي، جڏهن ته خرچ مسلسل وڌي رهيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت لاءِ ضروري آهي ته رليف جا قدم صرف عارضي نه هجن، پر ڊگهي مدي وارا هجن. مثال طور زراعت جي شعبي کي مضبوط ڪرڻ، مقامي صنعتن کي هٿي ڏيڻ، توانائي جي متبادل ذريعن تي ڌيان ڏيڻ ۽ مارڪيٽ ۾ منافع خوري کي سختي سان روڪڻ جهڙا قدم کڻڻ گهرجن. ان کان سواءِ حڪومتي خرچن ۾ به نمايان گهٽتائي آڻڻ ضروري آهي. جيڪڏهن حڪومت پاڻ سادگي اختيار ڪري ۽ غير ضروري خرچن کي گهٽائي ته ان سان قومي خزاني تي بار گهٽجي سگهي ٿو. اجلاس ۾ انٽيليجنس بيورو طرفان حڪومتي ڪفايت شعاري جي قدمن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. پر ضروري آهي ته اهي قدم صرف رپورٽن تائين محدود نه رهن، پر عملي طور تي نظر به اچن.

ملڪ جي سياسي قيادت لاءِ اهو به ضروري آهي ته هو معاشي پاليسين تي قومي اتفاق پيدا ڪن. جڏهن مختلف سياسي ڌريون هڪٻئي تي الزام هڻڻ بدران گڏجي ڪم ڪنديون ته معاشي مسئلن جو حل وڌيڪ آسان ٿي سگهي ٿو. اڄ پاڪستان جو عام ماڻهو جنهن معاشي دٻاءَ مان گذري رهيو آهي، اهو شايد گذريل ڪيترن ئي سالن ۾ گهٽ ئي ڏٺو ويو آهي. مهانگائي نه رڳو ماڻهن جي خريداري جي سگهه کي متاثر ڪيو آهي، پر سماجي مسئلن کي به جنم ڏنو آهي. بيروزگاري، غربت ۽ معاشي نااميدي جهڙا مسئلا به مهانگائي سان ڳنڍيل آهن. ان ڪري وقت جي ضرورت آهي ته حڪومت عوامي رليف کي پنهنجي ترجيح بڻائي. هر اهو قدم جيڪو عوام جي زندگي آسان بڻائي سگهي ٿو، ان کي سنجيدگي سان اختيار ڪرڻ گهرجي. مهانگائي جو ماريل عوام وڌيڪ بار برداشت ڪرڻ جي قابل ناهي. جيڪڏهن حالتون اهڙيون ئي رهيون ته معاشري ۾ مايوسي وڌي سگهي ٿي. ان ڪري حڪومت کي گهرجي ته عوامي مفادن کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کڻي جيڪي نه رڳو فوري رليف ڏين، پر مستقبل ۾ مهانگائي جي مسئلي کي به گهٽائي سگهن.سو  اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته ڪنهن به حڪومت جي اصل طاقت ان جي عوام هوندي آهي. جيڪڏهن عوام خوشحال هوندو ته ملڪ به ترقي ڪندو، پر جيڪڏهن عوام معاشي تڪليفن ۾ مبتلا هوندو ته ترقي جا خواب به اڌورا رهجي ويندا. ان ڪري وقت جي تقاضا آهي ته رليف جا قدم وڌيڪ وسيع ڪيا وڃن، شفافيت سان لاڳو ڪيا وڃن ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته انهن جو حقيقي فائدو عوام تائين پهچي. ڇو ته مهانگائي جي هن دور ۾ عوام کي صرف اعلانن جي نه، پر حقيقي رليف جي ضرورت آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.