پيٽرول اگهه وڌائڻ ۽ ايران مٿان آمريڪي اڳرائي خلاف عوامي تحريڪ جي ڪي اين شاهه ۾ ريلي

ڪي اين شاهه (پ ر) حڪمرانن طرفان پيٽرول مهانگو ڪرڻ، ڪڻڪ سميت ٻين فصلن جا مناسب اگهه نه ڏيڻ ۽ ايران مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪميونٽي سينٽر کان ڪي  اين شاهه پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ماهه نور ملاح، ضلعي دادو جي صدر ايڊووڪيٽ نجيب الرحمان مهيسر، مرڪزي قادر ڀٽو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري بختاور ملاح، ايڊووڪيٽ ذوالفقار چانڊيو، عاطف ملاح، ايڊووڪيٽ منصور چانڊيو، لال بخش بروهي ،منير برهماڻي، ايڊووڪيٽ داد محمد مگسي، ايڊووڪيٽ شبير کوسو، الطاف لانگاهه، هادي بخش کونهارو، عبدالڪريم لغاري، رستم سرگاڻي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي. آمريڪي دهشتگردي مرده آباد، اسرائيلي دهشتگردي مرده آباد  ۽ مهانگائي ختم ڪريو جا زوردار نعرا هنيا ويا. احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پيٽرول مهانگو ڪري حڪومتي وزيرن مشيرن جا خرچ عوام جي وات مان گرهه ڦري پورا ڪيا پيا وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي اگهن ۾ واڌ سان روز مرہ جي استعمال جي شين جي اگهن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي، غريب مسڪين ماڻهو جيڪي اڳ ئي مهانگائي جا ماريل آهن تن کي وڌيڪ تڪليفن ۾ مبتلا ڪيو ويو آهي. مال بردار گاڏين سميت مسافر گاڏين جي ڪراون ڀاڙن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پيٽرول اگهه 252 ليٽر تائين ڪيو وڃي، پيٽروليم ليوي ختم ڪئي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته هڪڙي پاسي مهانگائي ۾ اضافو ٿيو آهي ته ٻي طرف ڪڻڪ سميت سمورا فصل هارين کان ڀڳڙن مٺ تي خريد ڪيا پيا وڃن. حڪومت طرفان 3500 روپيا ڪڻڪ مڻ جي قيمت مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا تمام گهٽ آهي، ڪڻڪ جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 5 هزار روپيا مقرر ڪئي وڃي ۽ ان تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي پر واپاري هارين کان حڪومت جي مقرر ڪيل اگهن تي به ڪڻڪ نٿا وٺن هارين کان 2800 روپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪري رهيا آهن جيڪو سراسر ظلم ۽ ناحق آهي. اڳواڻن هاري ڪارڊ کي زمينداري ڪارڊ قرار ڏيندي رد ڪيو ۽ چيو ته هاري ڪارڊ هارين بدران زميندارن کي ڏنو پيو وڃي، زمين جو مالڪ هئڻ جو شرط رکي سمورن هارين کي هاري ڪارڊ کان محروم ڪيو ويو آهي. هارين وٽ پنهنجي زمين ناهي هوندي پر اهي زميندارن جي زمين تي پورهيو ڪندا آهن، ان باوجود سنڌ سرڪار اهڙو شرط رکي هاري ڪارڊ جي نالي ۾ هارين سان فراڊ ڪيو آهي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته اسٽريٽ آف هارموز آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي جي ڪري بند ٿيو انڪري گڏيل قومن جي اداري کي آمريڪي غلامي مان نڪري آمريڪا کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي. يو اين او کي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي کلي مذمت ڪرڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.