تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ آمريڪي صدر کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪرائوڊ فنڊ مهم، 5 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم جمع ٿي وئي.
ايراني ميڊيا طرفان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نشانو بڻائڻ بابت هڪ ڪرائوڊ فنڊ مهم ۾ 5 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم جمع ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هن مهم جي مشهوري وڏن بل بورڊز ۽ هڪ مخصوص ويب سائيٽ ذريعي ڪئي پئي وڃي جنهن جو مقصد آمريڪي صدر جي قتل لاءِ وڏو انعام مقرر ڪرڻ آهي.
ذريعن موجب ايران جي وڏن رستن تي لڳل بل بورڊز ۾ ٽرمپ جي تصوير اسنائپر رائفل جي دوربين جي اندر ڏيکاري وئي آهي.
بينرز تي فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي ته ”هينئر تائين حامين طرفان اعلانيل رقم: 50541000 ڊالر“، جڏهن ته ان سان گڏو گڏ ئي هي جملو به لکيل آهي ته ”ٽرمپ کي جلد ئي ختم ڪريو.“
هي مهم اهڙي وقت سامهون آئي آهي جڏهن ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي، جنهن جي شروعات 28 فيبروري 2026 تي ٿي هئي.
شروعاتي حملن ۾ ايران جو سپريم ليڊر سيد علي خامنه اي ۽ اعليٰ فوجي ڪمانڊر شهيد ٿي ويا هئا.
ماهرن موجب، هي مهم انهن حملن جي ردعمل طور سامهون آئي آهي، جڏهن ته ماضيءَ ۾ به ايراني اختياريون، سائنسدان ۽ ڪمانڊرز کي نشانو بڻجندا رهيا آهن.
ايران ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي نشانو بڻائڻ لاءِ ڪرائوڊ فنڊ مهم، 5 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي وئي
You might also like