ڪراچي ۾ افغانين جا غيرقانوني شناختي ڪارڊ ٺاهڻ جو سلسلو جاري

ڪراچي(رپورٽر)ايف آءِ اي ڪراچي ۾ غيرقانوني پرڏيهين ۽  نادرا  عملدارن خلاف ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي۔ايف آءِ اي ڪراچي وڏي ڪارروائي دوران ميٽروول سائيٽ ايريا، اورنگي ۾ ڇاپو هنيو، جتان ٻه افغان شهري حبيب الله ۽ نعمت الله گرفتار ڪيا ويا۔ جوابدارن وٽان غيرقانوني پاڪستاني سڃاڻپ جا دستاويز هٿ آيا۔شروعاتي  جاچ دوران هڪ نادرا عملدار جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو، جنهن موجب نادرا اسسٽنٽ سپرنٽنڊنٽ فرقان احمد خان دراني سڃاڻپ ڪارڊ جي منظوري ڏني هئي۔ان کان پوءِ ايف آءِ اي نرسري واري علائقي ۾ ٻي ڪارروائي ڪندي جوابدار فرقان احمد خان دراني کي به گرفتار ڪري ورتو۔ايف آءِ اي جي ترجمان موجب ڪيس نمبر 122/2026 داخل ڪيو ويو آهي۔جوابدارن خلاف پاڪستان سٽيزن شپ ۽ فارينرز ايڪٽ 1946 ۽ 1947 تحت ڪارروائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدارن جو 3 ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پڻ حاصل ڪيو ويو آهي۔ايف آءِ اي موجب وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ٻين ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائيون جاري آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.