اميرن کي ٻن سالن دوران کربين رپين جي ٽيڪس ڇوٽ،عوام تي روزانو اضافي بار

لاهور(امداد سومرو) عام طور تي جمعي جي ڏينهن پيٽرول جي قيمتن بابت اعلان  ٿيندو آهي،وڌنديون، گهٽ ٿينديون يا ساڳيون رهنديون پر هن ڀيري هڪ ڏينهن اڳ ئي ٻن وفاقي وزيرن قيمتن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو (پيٽرول ۽ ڊيزل ۾ وڏي واڌ)، ته پوءِ وزيراعظم کي ٻيهر اچڻ جي ضرورت ڇو پئي؟وزيراعظم عالمي حالتن، جنگ، مهانگائي ۽ تيل جي اگهن بابت ڳالهائڻ کان پوءِ اعلان ڪيو ته پيٽروليم ليوي ۾ 80 رپيا گهٽتائي ڪئي  پئي وڃي، جنهن سان پيٽرول جي قيمت گهٽجي وئي۔هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته پهريان پاڻ ئي قيمت وڌايو، پوءِ پاڻ ئي گهٽايو ۽ پوءِ عوام کان واھ واھ وٺواهو ڪهڙو طريقيڪار آهي؟اصل حقيقت اها آهي ته پيٽرول تي ٽيڪسن جو وڏو بار آهي۔ جيڪڏهن اصل قيمت ڏسجي ته پاڪستان ۾ پيٽرول لڳ ڀڳ 245 رپيا في ليٽر پوي ٿو، جنهن تي لڳ ڀڳ 25 رپيا ڪسٽم ڊيوٽي 7 رپيا ٽرانسپورٽ خرچ ،8 کان 8.5 رپيا آئل ڪمپنين جو منافعو ،8 کان 8.5 رپيا پيٽرول پمپن جو منافعو ۽ ٻيا ٽيڪس ۽ ليوي شامل ڪيا وڃن ٿا انهن سڀني کي شامل ڪري قيمت تمام وڌي وڃي ٿي۔وزيراعظم طرفان 80 رپيا گهٽ ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته اڳ به گنجائش موجود هئي، پر پهريان قيمتون وڌايون ويون، پوءِ گهٽايون ويون ته جيئن سياسي فائدو حاصل ڪيو وڃي۔ان کان علاوه، حڪومت امير طبقن کي وڏيون رعايتون ڏئي رهي آهي۔ رپورٽن موجب گذريل ٻن سالن ۾ لڳ ڀڳ 49 ٽريلين رپيا ٽيڪس ڇوٽ (استثنا) جي صورت ۾ وڏن ڪاروباري ماڻهن ۽ ڪمپنين کي ڏنا ويا۔ٻئي پاسي عام ماڻهو ماچس جي دٻي تي ٽيڪس ڏئي ٿو دوائن تي ٽيڪس ڏئي ٿو روزمره جي شين تي ٽيڪس ڏئي ٿو پر وڏين ڪمپنين کي اربين رپين جا ٽيڪس ڇوٽ ڏنا وڃن ٿا۔اهو به چيو ويو ته جيڪڏهن اهي پئسا عوام تي خرچ ڪيا وڃن ها ته اسڪول ٺهي سگهن ها روڊ ۽ موٽر ويز ٺهي سگهن ها غريبن کي گهر ڏئي سگهجن ها شاگردن کي اسڪالرشپ ڏئي سگهجن ها پر ائين نه ڪيو ويو۔زرعي شعبي ۾ به صورتحال ساڳي آهي—ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنيون سبسڊي به وٺن ٿيون ۽ ٽيڪس ڇوٽ به، پر ڀاڻ مهانگي ٿيندي وڃي ٿي۔شايد هي سڀ اڳواٽ رٿابندي هئي:پهريان قيمتون گهڻو وڌايون وڃن، پوءِ ٿوري گهٽائي ڪري عوام کان ساراهه حاصل ڪئي وڃي۔اهو هڪ اهڙو طريقو آهي جنهن ۾ عوام کي عارضي رليف ڏيکاري سياسي فائدو حاصل ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته اصل مسئلا برقرار رهن ٿا۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.