گهوٽڪي(رپورٽ :عرفان علي سومرو)جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو آهي ته حڪمران جنگ کي بهانو بڻائي عوام دشمن فيصلا ڪري رهيا آهن. انهيءَ ڪري مهانگائي جو هٿرادو طوفان آندو ويو آهي. جنهن سان عوام جي چيلهھ چٻي ٿي رهي آهي. عوام کي سياسي تحرڪ، احتجاج ۽ چرپر کان روڪڻ لاءِ پئٽرول جون قيمتون وڌايون ويون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي پيداواري وسيلن تي پنجاب، حڪمران ڌريون ۽ بااثر طبقا قابض آهن. جنهن ڪري عوام غربت جو شڪار ٿي وئي آهي. سڌريل ملڪن ۾ عوام کي هنگامي حالتن دوران حقيقي مراعتون ڏنيون وڃن ٿيون، پر هتي حڪمران عوام کي فائدا ڏيڻ بجاءِ نقصان واري پاسي ڏانهن ڌڪين ٿا. ان ڪري مهانگائي جو جن عوام کي بڇيو ويو آهي. مٿان وري سنڌ جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جون سازشون زور ٿي ويون آهن. ان ڪري حالتون وڌيڪ خراب ٿي رهيون آهن. نواز خان زئور وڌيڪ چيو تہ سنڌ جي پيداواري وسيلن، زمين، پاڻي ۽ سمنڊ تي قبضي جون تياريون ڪيون پيون وڃن. سنڌين کي هنن سازشن خلاف پرامن سياسي جدوجھد ڪرڻي پوندي. ان موقعي تي قومي پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ حافظ رحيم بخش لکڻ، آغا قربان علي خان، صوفي حاجن گل، فراز سنڌي، قادر بخش زئور، شعيب علي جويو، جسم اڳواڻ الاهي بخش چاچڙ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.