واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)هڪ مشهور آمريڪي اخبار انڪشاف ڪيو آهي ته پيٽ هيگسيٿ عهدي کان هٽجڻ جي خوف سبب وزيرِ جنگ لاءِ موزون آفيسرن کي نشانو بڻائي رهيو آهي۔ آرمي سيڪريٽري ڊين ڊريسڪول کي به امڪاني طور تي سڀ کان موزون اميدوار قرار ڏنو پيو وڃي، جنهن کي صرف ان ڪري هٽائي نٿو سگهجي ڇو ته نائب صدر جي ڊي ونس سان دوستي ۽ ڪلاس فيلو هجڻ سبب ان جي حمايت حاصل آهي۔آمريڪي اخبار نيو يارڪ پوسٽ موجب، دفاع واري وزير پيٽ هيگسيٿ کي پنهنجي نوڪري وڃائڻ جو خوف آهي، جنهن ڪري هو هر ان شخص کي نشانو بڻائي رهيو آهي جيڪو سندس جاءِ وٺي سگهي ٿو۔اخبار آمريڪا جي حاضر سروس ۽ اڳوڻن عملدارن جي حوالن سان دعويٰ ڪئي آهي ته پيٽ هيگسيٿ کي خدشو آهي ته هن بعد آرمي سيڪريٽري ڊين ڊريسڪول کي وزيرِ جنگ بڻايو وڃي، ۽ اهو ئي سبب آهي جو هنن ڊريسڪول جي ويجهن سمجهيل آرمي چيف آف اسٽاف سميت ٽن اعليٰ جنرلز کي عهدي تان هٽايو آهي۔ٽرمپ انتظاميه جي ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته جنگ واري ۽ آرمي سيڪريٽري ڊريسڪول وچ ۾ سخت اختلاف هلندڙ آهي۔ پيٽ هيگسيٿ انهن کي به عهدي تان هٽائڻ چاهين ٿو، پر وائيٽ هائوس هن وقت تائين کين ائين ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي۔آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري جنگ دوران پيٽ هيگسيٿ فوج جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ هڪ درجن کان وڌيڪ سينئر آفيسرن کي برطرف ڪيو آهي يا کين جبري رٽائرمينٽ تي موڪليو آهي۔ انهن ۾ ڪيترائي اهڙا آفيسر شامل آهن جن عراق، افغانستان ۽ نار جي جنگن ۾ سالن تائين خدمتون انجام ڏنيون آهن۔هڪ آمريڪي اهلڪار صورتحال بيان ڪندي چيو ته هي سڀ ان عدم تحفظ ۽ خوف جو نتيجو آهي جيڪو ’سگنل گيٽ‘ واقعي کان پوءِ پيٽ هيگسيٿ جي ذهن ۾ پيدا ٿيو آهي۔ بدقسمتي سان سندس ويجها ساٿي به ان صورتحال کي وڌيڪ وڌائي رهيا آهن۔