دنيا جا حڪمرانو! عوام اوهان کي جنگين ۽ معاشي بحرانن لاءِ ووٽ ناهي ڏنو

دنيا جي موجوده جنگي ۽ معاشي بحرانن جي ماحول ۾ هڪ خطرناڪ لاڙو تيزي سان زور وٺي رهيو آهي، جتي وڏيون طاقتون ۽ سندن حڪمران پنهنجي طاقت جي مظاهري، جيوپوليٽيڪل مفادن ۽ بالادستي جي خواهش ۾ اهڙا فيصلا ڪري رهيا آهن، جيڪي نه رڳو علائقائي امن کي خطري ۾ وجهن ٿا، پر سڄي دنيا کي انساني بحرانن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته دنيا جي حڪمرانن کي هڪ واضح پيغام ڏنو وڃي: اوهان کي عوام ان ڪري ووٽ نه ڏيندو آهي ته اوهان جنگيون ڪريو، رت وهرايو ۽عوام کي معاشي تباهيءَ ڏانهن وٺي وڃو، پر اوهان کي ان ڪري چونڊيو ويندو آهي ته جيئن اوهان امن قائم ڪريو، ماڻهن جي زندگي بهتر بڻايو ۽ دنيا کي ترقيءَ جي راهه تي گامزن ڪريو۔

جمھوريت جو بنيادي فلسفو ئي عوام جي فلاح ۽ بهبود آهي۔ جڏهن ڪو به حڪمران اقتدار ۾ اچي ٿو ته اهو عوام سان هڪ اڻ لکيل معاهدو ڪندو آهي، هڪ اهڙو معاهدو جنهن ۾ اهو واعدو هوندو آهي ته هو ملڪ جي وسيلن کي عوام جي بهتري لاءِ استعمال ڪندو، روزگار پيدا ڪندو، تعليم ۽ صحت جا معيار بهتر ڪندو ۽ ماڻهن کي محفوظ ۽ پرامن ماحول فراهم ڪندو۔ پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪيترائي عالمي حڪمران هن معاهدي کي وساري ويٺا آهن ۽ پنهنجي سياسي مفادن لاءِ دنيا کي جنگ جي باهه ۾ ڌڪي رهيا آهن۔

خاص طور تي آمريڪا ۽ ڀارت جي موجوده حڪمرانن جي پاليسين تي نظر وجهجي ته هڪ ڳڻتي جوڳي تصوير سامهون اچي ٿي۔ آمريڪا، جيڪو پاڻ کي دنيا جو سڀ کان وڏو جمھوري ملڪ سڏيندو آهي، اڪثر ڪري ٻين ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڪري، جنگين کي هٿي ڏئي ۽ پنهنجي مفادن لاءِ عالمي امن کي قربان ڪري ٿو۔ عراق، افغانستان، شام ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ٿيندڙ تباهين جو ذميوار ڪير آهي؟ انهن جنگين ۾ لکين بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، ڪروڙين ماڻهو بي گهر ٿيا، ۽ سڄا سڄا ملڪ اقتصادي طور تي تباهه ٿي ويا پر ڇا انهن جنگين مان عام آمريڪي عوام کي ڪو فائدو ٿيو؟ يقيناً نه۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي اهو سمجهڻ گهرجي ته عالمي پوليس بڻجڻ جي خواهش نه رڳو ٻين ملڪن لاءِ، پر خود آمريڪا لاءِ به نقصانڪار آهي۔ جنگين تي خرچ ٿيندڙ اربين ڊالر جيڪڏهن تعليم، صحت ۽ انفراسٽرڪچر تي خرچ ڪيا وڃن ها ته شايد آمريڪي عوام جي زندگي وڌيڪ بهتر هجي ها۔ پر بدقسمتي سان، طاقت جي نشي ۾ مست حڪمران پنهنجي ئي عوام جي مفادن کي نظرانداز ڪري رهيا آهن۔ ساڳي طرح ڀارت ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ جنگي جنون پڻ انتهائي خطرناڪ آهي۔ انتها پسند جماعت بي جي پي جي  انتها پسند وزيراعظم نريندر موديءَ جي پاليسين ۾ نفرت، فرقيواريت ۽ جارحيت صاف نظر اچي ٿي۔ پاڙيسري ملڪن سان لاڳاپا خراب ڪرڻ، اندروني طور تي اقليتن خلاف سخت پاليسيون اختيار ڪرڻ ۽ مسلسل جنگي بيان بازي ڪرڻ، اهي سڀ عمل هڪ ذميوار حڪومت جي نشاني ناهن۔ هڪ وڏو ملڪ هجڻ جي حيثيت ۾ ڀارت کي خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، نه ڪي تڪرارن کي وڌائڻ لاءِ۔ ڀارت جي وزيراعظم موديءَ کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته جنگي جنون ذريعي شايد عارضي سياسي فائدا حاصل ٿي سگهن ٿا، پر ڊگهي مدي ۾ اهو ملڪ کي اندروني طور ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي۔ جڏهن وسيلن کي تعليم ۽ صحت بدران فوجي خرچن تي ضايع ڪيو وڃي ٿو ته ان جو سڌو اثر عوام جي زندگيءَ تي پوي ٿو۔ بيروزگاري وڌي ٿي، مهانگائي وڌي ٿي ۽ سماجي بيچيني پيدا ٿئي ٿي۔

دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به ساڳيو رجحان ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جتي حڪمران پنهنجين ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ جنگي ماحول پيدا ڪن ٿا۔ جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ معاشي بحران پيدا ٿئي ٿو يا عوام حڪمرانن کان سوال ڪرڻ شروع ڪري ٿو ته فوراً ڪو نه ڪو بيروني دشمن پيدا ڪيو ويندو آهي، ۽ قومپرستي جي نالي تي عوام جي توجهه اصل مسئلن کان هٽائي ويندي آهي۔ هي هڪ پراڻو ۽ خطرناڪ سياسي حربو آهي، جيڪو اڄ به استعمال ڪيو پيو وڃي۔ پر سوال اهو آهي ته آخر عوام ڪڏهن تائين هن ڌوڪي ۾ ايندو رهندو؟ ڇا عوام کي هاڻي اهو نه سمجهڻ گهرجي ته جنگين جو اصل نقصان انهن کي ئي ٿيندو آهي؟ جڏهن بم ڦاٽن ٿا ته نه رڳو سرحدون، پر گهر، اسڪول، اسپتالون ۽ زندگيون به تباهه ٿين ٿيون۔ جڏهن معيشت ڪمزور ٿئي ٿي ته مهانگائي وڌي ٿي، روزگار ختم ٿين ٿا ۽ عام ماڻهو جي زندگي ڏکي ٿي وڃي ٿي۔ ان ڪري وقت اچي ويو آهي ته دنيا جو عوام پنهنجن حڪمرانن کان سخت سوال ڪري۔ انهن کان پڇي ته اوهان کي ووٽ ان لاءِ ڏنو ويو هو ته اوهان اسان کي جنگ ۾ وجھو يا ان لاءِ ته اسان کي بهتر زندگي ڏيو؟ اوهان جي ترجيح طاقت جو مظاهرو آهي يا عوام جي فلاح؟

ساڳئي وقت، عالمي ادارن کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ گڏيل قومون ۽ ٻيا بين الاقوامي فورم صرف بيان جاري ڪرڻ تائين محدود نه رهن، پر عملي قدم کڻن ته جيئن دنيا ۾ امن قائم ٿي سگهي۔ وڏين طاقتن کي جوابده بڻائڻ ضروري آهي، ڇو ته جڏهن طاقتور ملڪ قانون کان مٿانهون ٿي وڃن ٿا ته پوءِ انصاف جو تصور ئي ختم ٿي وڃي ٿو۔

سو دنيا جي حڪمرانن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي: طاقت جو اصل امتحان جنگ ڪرڻ ۾ ناهي، پر امن قائم ڪرڻ ۾ آهي۔ حقيقي قيادت اها آهي جيڪا تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪري، ماڻهن جي زندگين کي محفوظ بڻائي ۽ ايندڙ نسلن لاءِ هڪ بهتر دنيا ڇڏي وڃي۔ اوهان کي عوام ان ڪري ووٽ نه ڏيندو آهي ته اوهان بارود جي بوءِ سان دنيا کي ڀري ڇڏيو، پر ان ڪري ڏيندو آهي ته اوهان گلن جي خوشبو سان هن ڌرتي کي مهڪائي ڇڏيو۔ جيڪڏهن اوهان هن بنيادي سچ کي نه سمجهندا ته تاريخ اوهان کي ڪڏهن به معاف نه ڪندي، ۽ نه ئي اوهان جو پنهنجو عوام. ۽  گڏوگڏ اهو به ياد رکو ته عوام اوهان کي جنگين ۽ معاشي بحران  پيدا ڪرڻ لاءِ نه چونڊيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.