ڪراچي/دادو (عوامي آواز رپورٽ) ميهڙ قتل ڪيس ۾ انصاف جي جنگ وڙهندڙ ام رباب چانڊيو پنهنجي قتل جو منصوبو تيار ٿيڻ ۽ ان ۾ سنڌ پوليس جي ڪجهه اهلڪارن جي سهولتڪاري بابت انڪشاف ڪيا آهن. سوشل ميڊيا پليٽ فارم فيس بڪ تي جاري ڪيل پنهنجي تازي بيان ۾ ام رباب چانڊيو چيو آهي ته کيس پنهنجي قتل جي منصوبي بابت پڪي رپورٽ ملي آهي. ام رباب چانڊيو ايس ايس پي دادو کي مخاطب ٿيندي چيو ته، هر اداري ۾ سٺا ۽ برا ماڻهو هوندا آهن، اميد آهي ته ايس ايس پي دادو منهنجي زندگي کي لاحق خطرن کي نظرانداز نه ڪندو. هن انڪشاف ڪيو ته کيس اڳ ئي اطلاع ملي چڪو هو ته هڪ خاص ايس ايڇ او کي سندس شهر ۾ مقرر ڪيو ويندو، جيڪا پوسٽنگ ان پلاننگ جو حصو هئي. هن وڌيڪ چيو ته نوٽيس وٺي سردارن جي ڪمدار ايس ايڇ او کي هٽائڻ هڪ سٺو عمل آهي، پر ان جي باوجود درپيش خطرن کي ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. ياد رهي ته هيءُ بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن 30 مارچ 2026 تي دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ميهڙ قتل ڪيس ۾ نامزد مک جوابدارن سردار احمد خان چانڊيو، برهان خان چانڊيو ۽ ٻين 8 جوابدارن کي ثبوتن جي اڻاٺ سبب بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ام رباب چانڊيو جو چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي والد، ڏاڏي ۽ چاچي جي خون جي انصاف لاءِ وڙهندي رهندي، پر کيس رستي تان هٽائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.