سنڌ حڪومت جِي عوام لاءِ ٽارگيٽڊ سبسڊي:موٽرسائيڪل سوارن ۽ آبادگارن کي روڪ رليف ڏيڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي اگهن ۾ واڌ ۽ ملڪي مهانگائي جي لهر کان عوام کي بچائڻ لاءِ 55 ارب رپين جي جامع ۽ ٽارگيٽڊ سبسڊي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي  وزيرن ناصر شاهه، محمد بخش مهر، مڪيش چاولا ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وڏي وزير چيو ته جيو پوليٽيڪل صورتحال سبب تيل مهانگو ٿيو آهي، جنهن جو بار عوام تي گهٽائڻ لاءِ هي قدم کنيا ويا آهن.  وڏي وزير اعلان ڪيو ته سنڌ ۾ رجسٽرڊ 67 لک موٽرسائيڪل سوارن کي ماهوار 2 هزار رپيا (20 ليٽر تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي) ڏني ويندي. ان مقصد لاءِ ايڪسائيز کاتي ڊجيٽل ايپليڪيشن تيار ڪئي آهي. وڏي وزير موٽرسائيڪل جي ملڪيت تبديل ڪرڻ جي فيس 15 ڏينهن لاءِ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي شهرين کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي نالي تي بائيڪ رجسٽرڊ ڪرائين ته جيئن رقم سڌو سنئون سندن اڪائونٽ ۾ پهچي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته 1 کان 25 ايڪڙن تائين زمين رکندڙ ننڍن آبادگارن کي ڪڻڪ جي مڙهائي لاءِ 1500 روپيا في ايڪڙ ڏنا ويندا، جنهن جي ادائيگي ايندڙ هفتي کان شروع ٿيندي. اهڙي طرح ٽرانسپورٽ جي ڪراين کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ مسافر بسن کي هڪ لک رپيا، سٽي بسن کي واڌو هڪ لک 40 هزار رپيا ۽ مال بردار گاڏين کي 70 کان 80 هزار رپيا سبسڊي ڏني ويندي. ٽرانسپورٽرن کي ڪرايا نه وڌائڻ جو قسم نامو ڏيڻو پوندو. وڏي وزير وڌيڪ ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي فرمائش تي جنرل سبسڊي ختم ڪري هاڻي رڳو غريب ۽ متاثر طبقن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته وفاقي حڪومت ريلوي جا ڪرايا نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سنڌ حڪومت توانائي جي بچت لاءِ مارڪيٽون جلد بند ڪرڻ جي تجويز تي به غور ڪري رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.