پيٽرول اگهن ۾ واڌ حڪومتي ظلم ۽ جبر آهي:عوامي تحريڪ

ميرپوربٺورو (ن ع آ) سعودي عرب ۽ يو اي اي سميت وچ اوڀر جي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏا سموري خطي جي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن،پيٽرول اگهن ۾ واڌ حڪومتي ظلم ۽ جبر آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل واڌ کي اسين رد ٿا ڪريون ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته پيٽرول تي   حڪومتي ٽيڪس گهٽايا وڃن ۽ سبسڊي ڏئي پيٽرول کي سستو ڪيو وڃي اهڙن خيالن جو اظهار عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، علي محمد پرويز، مجيد ساگر پرهياڙ، عزيز ميمڻ، محمد ڏيٿو ۽ ٻين اڳواڻن جي عوامي هائوس ميرپوربٺورو ۾ ڪيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو ويو انهي موقعي تي اڳواڻن چيو ته حڪومتي دعوي آهي ته 271 روپيا في ليٽر پيٽرول عالمي مارڪيٽ مان خريد ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته بين الاقوامي ميڊيا موجب 246 روپين ۾ خريد ڪيو پيو وڃي هاڻ 246 کان 271 روپين ۾ خريد ڪيل پيٽرول463 روپين ۾ في ليٽر وڪرو ڪرڻ ڪٿان جو انصاف آهي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل واڌ کي اسين رد ٿا ڪريون ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته پيٽرول تي حڪومتي ٽيڪس گهٽايا وڃن ۽ سبسڊي ڏئي پيٽرول کي سستو ڪيو وڃي هنن چيو ته هلندڙ جنگ دوران پاڙيسڙي ملڪن ۾ پيٽرول فقط  4 کان 15 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي جڏهن ته جاپان ۽ ڏکڻ ڪوريا جا ملڪ جيڪي 80 کان 90 سيڪڙو پيٽرول وچ اوڀر جي ملڪن تي ڀاڙين ٿا انهن ۾ به 30 کان 40 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي ليڪن پاڪستان وٽ پنهنجو پيٽرول به آهي، وچ اوڀر جي ملڪن کانسواءِ ٻيا ذريعا به آهن، ان باوجود به 80 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ ڪري سراسر عوام مٿان ظلم ۽ جبر ڪيو پيو وڃي هنن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران مٿان حملا عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، آمريڪي سامراج ڪمزور ٿيڻ کانپوءِ انساني حقن ۽ عالمي قانونن جو چوغو لاهي پنهنجي اصلي وهشتناڪ روپ ۾ ننگو ٿي ويو آهي. آمريڪي جارحيت جو بهادري سان مقابلو ڪندڙ ايران جي بهادر عوام کي اسين سلام ٿا پيش ڪريون هنن چيو ته سعودي عرب ۽ يو اي اي سميت وچ اوڀر جي ملڪن ۾ آمريڪي فوجي اڏا سموري خطي جي تباهي جو سبب بڻجي رهيا آهن، پاڪستان کي به وچ اوڀر مان آمريڪي فوجي اڏن جي خاتمي جو مطالبو ڪرڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته هي اڏا پاڪستان لاءِ به خطرناڪ آهن. پاڪستان ته کلي طور آمريڪي اسرائيلي جارحيت جي مذمت به ناهي ڪئي، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آمريڪي حڪمن جي طابع آهي.هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ سميت ڪنهن به فصل جا هارين کي مناسب اگهه نٿا ملن. ڀاڻ، ٻج ۽ زرعي دوائون مهانگيون آهن، هاڻ ته ڀاڻ اڃا به مهانگو ٿيندو ان باوجود هارين کي فصلن جا مناسب اگهه نه ڏئي حڪومت زراعت تي حملو ڪيو آهي، اسين مطالبو ٿا ڪريون ته هارين کان مناسب اگهن تي فصل خريد ڪيا وڃن. هنن چيو ته پاڪستان ۾ پيٽرول مهانگو ڪرڻ، ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت ۽ دهشتگردي خلاف ۽ ايراني عوام سان يڪجهتي طور عوامي تحريڪ طرفان گذريل ٻن هفتن کان احتجاج ڪيا پيا وڃن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.