سبسڊي جو مئڪنزم ٺاهڻ کان اڳ پيٽروليم جي اگهن ۾ ظالماڻي واڌ ڇو؟

ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر هر ڀيري جڏهن به اهو فيصلو ڪيو ويندو آهي ته ان جا اثر سڌو سنئون عام ماڻهو تي پوندا آهن۔ گذريل رات پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جو جيڪو فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو ان ڪري وڌيڪ تنقيد جوڳو آهي جو حڪومت عوام کي ڪنهن به قسم جي مؤثر سبسڊي ڏيڻ لاءِ ڪو واضح مئڪنزم تيار نه ڪيو آهي۔ نتيجي طور، مهانگائي جي هڪ نئين لهر جنم وٺي چُڪي آهي، جنهن جو بار اڳ ئي معاشي دٻاءُ هيٺ آيل عوام تي پئجي ويو آهي.

پيٽرول صرف هڪ شئي ناهي، پر اهو پوري معيشت جي ڍانچي سان جڙيل آهي۔ ٽرانسپورٽ، زراعت، صنعت ۽ روزمرهه جي استعمال جون بي شمار شيون ان سان ڳنڍيل آهن۔ جڏهن پيٽرول مهانگو ٿئي ٿو، ته ان جا اثر صرف گاڏين جي مالڪن تائين محدود نٿا رهن، پر هر ان ماڻهو تائين پهچن ٿا جيڪو روزاني زندگيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن شئي جي خريداري ڪري ٿو۔ اهڙي حالت ۾ جيڪڏهن حڪومت سبسڊي جو ڪو منظم ۽ شفاف نظام قائم ڪرڻ کان اڳ پيٽروليم جا اگهه وڌائي ٿي ته پوءِ اهو فيصلو سڌو سنئون عوام دشمن پاليسي بڻجي وڃي ٿو۔ حڪومت اڪثر اهو جواز پيش ڪندي آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه وڌي ويا آهن، تنهنڪري ملڪ اندر به اگهه وڌائڻ اڻ ٽر آهي۔ بلاشبه عالمي حالتون ڪنهن به ملڪ جي معاشي پاليسين تي اثرانداز ٿين ٿيون، خاص طور تي جڏهن دنيا ۾ جنگي صورتحال هجي يا جيوپوليٽيڪل ڇڪتاڻ وڌي وڃي۔ پر سوال اهو آهي ته ڇا ٻين ملڪن به اهڙين حالتن ۾ بنا ڪنهن حفاظتي قدم جي عوام تي بار وڌايو آهي؟ جيڪڏهن عالمي مثالن جو جائزو وٺجي ته واضح ٿئي ٿو ته ڪيترن ئي ملڪن جنگي يا بحران واري حالتن ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کي محدود رکڻ لاءِ مختلف حڪمت عمليون اختيار ڪيون آهن۔ يورپ جي ڪيترن ملڪن، خاص طور تي جرمني ۽ فرانس، توانائي جي بحران دوران پنهنجي شهرين کي رليف ڏيڻ لاءِ سبسڊي پيڪيجز متعارف ڪرايا۔ انهن ملڪن ۾ نه صرف پيٽرول جي اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر عوام کي سڌي مالي مدد پڻ فراهم ڪئي وئي۔ ساڳي طرح، ڪجهه ايشيائي ملڪن جهڙوڪ انڊيا ۽ انڊونيشيا به پيٽروليم شين تي سبسڊي برقرار رکي، يا گهٽ ۾ گهٽ ان ۾ تدريجي تبديليون آنديون، جيئن عوام تي اوچتو بار نه پوي۔ انهن ملڪن ۾ حڪومتن اهو سمجهيو ته مهانگائي جي هڪدم لهر نه صرف معاشي عدم استحڪام پيدا ڪري سگهي ٿي، پر سماجي بيچيني کي به جنم ڏئي سگهي ٿي۔

ان جي ابتڙ، اسان وٽ پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو اڪثر اوچتو ڪيو ويندو آهي، بغير ڪنهن اڳواٽ تياري يا حفاظتي انتظام جي۔ عوام کي نه ته ڪو واضح روڊ ميپ ڏنو ويندو آهي، هن ڀيري اوڊ ميپ ته ڏنو ويو آهي پر اهو عملي شڪل ۾ آڻڻ کان اڳ ئي پيٽروليم جا اگهه وڌايا ويا آهن.

سبسڊي ڏيڻ جو مطلب صرف اگهه گهٽ رکڻ ناهي، پر اهو هڪ منظم نظام جو تقاضو ڪري ٿو۔ مثال طور، حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن لاءِ سڌي ڪيش ٽرانسفر اسڪيمون متعارف ڪرائي سگهي ٿي، يا پبلڪ ٽرانسپورٽ کي اڳواٽ سبسڊي ڏئي سگهي ٻئي ته جيئن عام ماڻهو کي سستي سواري ملي سگهي۔ ان سان گڏ، زراعت ۽ ننڍن ڪاروبارن لاءِ خاص رليف پيڪيجز به ترتيب ڏئي سگهجن ٿا، جيئن مهانگائي جا اثر گهٽجي سگهن۔ هتي هڪ اهم نڪطو اهو به آهي ته سبسڊي جو نظام شفاف هجڻ گهرجي۔ جيڪڏهن سبسڊي صحيح ماڻهن تائين نه پهچندي، ته پوءِ اهو نظام به ناڪام ٿي ويندو۔ ان لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، ڊيٽا بيس ۽ موثر نگراني جو نظام ضروري آهي۔ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊجيٽل سسٽم ذريعي سبسڊي کي سڌي طرح مستحق ماڻهن تائين منتقل ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان ڪرپشن جا امڪان گهٽجي وڃن ٿا۔ اسان جي ملڪ ۾ مسئلو صرف وسيلن جي کوٽ جو ناهي، پر پاليسي سازي ۾ تسلسل ۽ سنجيدگي جي کوٽ جو به آهي۔ جيڪڏهن حڪومت چاهي ته محدود وسيلن ۾ به بهتر پاليسيون ترتيب ڏئي سگهي ٿي۔ ضرورت صرف ان ڳالهه جي آهي ته عوام کي پاليسي جو مرڪز بڻايو وڃي، نه ته ان کي بار برداشت ڪرڻ لاءِ اڪيلو ڇڏيو وڃي۔

پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ جو سڌو سنئون ۽ فوري اثر مهانگائي جي صورت ۾ برپا ٿي ويندي آهي. هر شيءِ جي قيمت وڌي وڃي ٿي۔ کاڌي پيتي جون شيون، تعميراتي سامان، ۽ روزمرهه جي استعمال جون شيون سڀ مهانگيون ٿي وڃن ٿيون۔ اهڙي صورتحال ۾ گهٽ آمدني وارا طبقا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، جيڪي اڳ ئي زندگيءَ جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن۔ ان ڪري ضروري هو ته حڪومت پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ کان اڳ هڪ جامع حڪمت عملي تيار ڪري۔  ها صرف عالمي حالتن کي جواز بڻائي عوام تي سڄو بار وجهڻ مسئلي جو حل ناهي۔ اصل حل اهو آهي ته اهڙو نظام جوڙيو وڃي، جنهن ۾ عوام کي تحفظ ملي، ۽ معيشت به مستحڪم رهي۔

سو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ هڪ حساس فيصلو آهي، جنهن جا اثر گهڻ رخي هوندا آهن۔ جيڪڏهن اهو فيصلو بنا ڪنهن سبسڊي مئڪنزم جي ڪيو وڃي، ته اهو نه صرف معاشي طور نقصانڪار ثابت ٿيندو، پر سماجي سطح تي به بيچيني پيدا ڪندو۔ حڪومت کي گهرجي ته هو ٻين ملڪن جي مثالن مان سکندي هڪ اهڙو مئڪنزم تيار ڪري، جنهن ۾ عوام کي رليف ملي، ۽ مهانگائي جو بار گهٽجي۔  عوام کان قربانيون وٺڻ کان اڳ حڪومت کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو۔ جيڪڏهن حڪومت پنهنجي شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي، ته پوءِ پاليسين تي اعتماد ختم ٿي ويندو۔ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته فيصلن ۾ توازن، شفافيت ۽ عوام دوستي کي ترجيح ڏني وڃي، جيئن ملڪ کي معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃڻ ممڪن بڻجي سگهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.