ڪامياب سفارتڪاري خلاف ڀارت پروپيگنڊا پيو ڪري: پاڪستان

اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي کاتي جي ترجمان طاهر اندرابي هفتيوار بريفنگ دوران چيو  آهي ته ايران-آمريڪا تڪرار ۾ پاڪستان جي ڪامياب سفارتڪاري خلاف ڀارتي پروپيگنڊا تيز ٿي وئي آهي. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا ايراني پرڏيهي وزارت سان منسوب ڪوڙا بيان جاري ڪري رهي آهي، جن کان هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي. ترجمان ٻڌايو ته گذريل هفتي اسلام آباد ۾ مشرق وسطيٰ جي امن لاءِ سرگرم سفارتڪاري جاري رهي، جنهن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جي پرڏيهي وزيرن گڏيل ويهڪ ڪئي. ان موقعي تي ايران پاران 20 پاڪستاني بحري جهازن کي آبنائي هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏيڻ واري قدم کي ساراهيو ويو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جي دورو چين دوران ٻنهي ملڪن جنگ جي خاتمي لاءِ 5 نقطي امن ايجنڊا پڻ جاري ڪيو آهي. افغانستان بابت ڳالهائيندي ترجمان چيو ته پاڪستاني وفد هن وقت چين جي شهر ارومچي ۾ موجود آهي، جتي افغان طالبان سان ڳالهيون هلي رهيون آهن. پاڪستان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته افغانستان جي اندر کان پاڪستان خلاف ٿيندڙ دهشتگردي کي روڪيو وڃي ۽ طالبان انتظاميه دهشتگردن خلاف ٺوس ڪارروائي ڪري. پاڪستان ڪڏهن به ڳالهين کان ناهي ڀڳو ۽ ان معاملي تي چين سان به مسلسل رابطي ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.