ملڪي قرض 81 هزار ارب کان وڌي ويا، هر شهري سوا ٽن لکن جو قرضي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي انڪشاف ڪيو ته پاڪستان جو ڪُل قرض 81,000 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي، جنهن کان پوءِ هر پاڪستاني شهري سراسري طور تي 325,000 رپين کان وڌيڪ جو مقروض ٿي ويو آهي. سينيٽ جي اقتصادي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ آءِ ايم ايف جي قرضن سميت ٻاهرين ۽ مقامي قرضن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي عملدارن ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان جو ڪُل قرض 81,000 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي. اختيارين موجب، ان مان 26,000 ارب رپيا ٻاهرين قرض آهن جڏهن ته 55,000 ارب رپيا مقامي قرض آهن.اجلاس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ملڪ جي 25 ڪروڙ آبادي تي في ڪس قرض جو بار تقريباً 325,000 رپيا آهي، جيڪو ملڪ جي معيشت تي وڌندڙ دٻاءُ کي ظاهر ڪري ٿو. اجلاس ۾ قرض جي وڌندڙ مقدار ۽ ان جي معاشي اثرن تي به بحث ڪيو ويو، جڏهن ته ڪميٽي لاڳاپيل اختيارين کان مستقبل جي حڪمت عملين ۽ موثر قرض جي انتظام بابت تفصيل طلب ڪيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.