پاڪستان جي ٽيلي ڪام نظام تي وڏن سائبر حملن جو خدشو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ملڪ جي ٽيلي ڪام نظام تي وڏي پيماني تي سائيبر حملن جو  خدشو ظاهر ڪندي هائي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. اٿارٽي سمورين ٽيلي ڪام ڪمپنين کي قومي مواصلاتي ڍانچي جي حفاظت لاءِ نيون ۽ سخت سيڪيورٽي گائيڊ لائنز فراهم ڪري ڇڏيون آهن. پي ٽي اي موجب، ٽيلي ڪام سيڪٽر ملڪ جي ڊيجيٽل تبديلي، اي-گورننس، مالي نظام ۽ قومي سلامتي جي بنياد آهي. ڪنهن به وڏي سائيبر حملي جي صورت ۾ نه صرف مواصلاتي نظام متاثر ٿي سگهي ٿو پر اهم قومي خدمتون پڻ مفلوج ٿي سگهن ٿيون. اٿارٽي ان ڳالهه تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ ڪيترين ئي ڪمپنين جا سسٽم اڃا تائين پراڻي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل آهن، جيڪي جديد سائيبر حملن جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت نٿا رکن. نيون گائيڊ لائنز تحت ٽيلي ڪام ڪمپنين کي سختي سان هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پنهنجي نيٽ ورڪن ۾ مصنوعي ذهانت تي ٻڌل ڊيٽيڪشن ۽ رسپانس ٽيڪنالاجيز جو استعمال يقيني بڻائين. وڌيڪ ته، ڪمپنين کي پابند ڪيو ويو آهي ته اهي ايندڙ 6 مهينن اندر ‘ڊي-ڊاس ڊيٽيڪشن ۽ بلاڪنگ سسٽم’ نافذ ڪن ۽ هڪ سال اندر ان کي نيشنل سرٽ سان مربوط ڪن. پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته ٽيلي ڪام سروسز جي بغير ڪنهن رڪاوٽ جي فراهمي قومي مفاد ۾ ضروري آهي ۽ سيڪيورٽي معيار تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.