بيجنگ/رياض (م ڊ) چين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايران ۾ جنگ جاري رهي ته آبنائي هرمز تان عالمي آمدورفت جو رستو بحال يا مستحڪم نه ٿي سگهندو. چيني پرڏيهي وزير وانگ يي سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته آبنائي هرمز مان گذرڻ جو مسئلو اصل ۾ ايران جنگ جي پکڙجڻ جو نتيجو آهي. چيني ميڊيا موجب، وانگ اي سعودي هم منصب کي ٻڌايو ته خطي ۾ تڪرار جي حل لاءِ فوري طور تي جنگ بندي ٿيڻ لازمي آهي، ٻي صورت ۾ سمنڊي رستن تي استحڪام ناممڪن آهي. ان کان علاوه چيني پرڏيهي وزير يورپي يونين جي اعليٰ سفارتڪار سان به رابطو ڪيو، جنهن دوران هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سمورن ڌرين جي وچ ۾ جنگ بندي لاءِ اتفاق راءِ کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي معيشت ۽ توانائي جي فراهمي کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.