سرڪاري پاليسي ناڪام، موڪلن ۽ بچت مهم باوجود تيل جي کپت ۾ واڌ

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي مڙهيل جنگ سبب پيدا ٿيل عالمي توانائي بحران جي باوجود پاڪستان ۾  تيل جي کپت ۾ حيرت انگيز اضافو ٿيو آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت سخت ايڪشن کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب، حڪومت پاران تيل بچائڻ لاءِ اسڪولن ۾ هفتيوار موڪلن، عيد جي موڪلن ۽ سرڪاري گاڏين جي گهٽ استعمال واري ڪفايت شعاري پاليسي اختيار ڪئي وئي هئي، پر ان جي باوجود تيل جي کپت گهٽجڻ بدران وڌي وئي آهي. پيٽروليم وزارت جي انگن اکرن موجب، گذريل سال مارچ جي ڀيٽ ۾ هن سال ڊيزل جو استعمال 25 سيڪڙو ۽ پيٽرول جو استعمال 18 سيڪڙو وڌيڪ رهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطح جي اجلاس ۾ هن معاملي تي تفصيلي غور ڪيو ويو. حڪومت لاءِ اها ڳالهه حيرت جوڳي آهي ته جڏهن سرگرميون گهٽ هيون ته تيل جي کپت ڪيئن وڌي؟ جنهن تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ايف آءِ اي کي فوري طور تي انڪوائري جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته هن انڪوائري ۾ ڪجهه وڏيون پيٽروليم ڪمپنيون ۽ وڏيون مڇيون پڪڙجڻ جو امڪان آهي، جن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.