ماسڪو (م ڊ) روس وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ ايران-آمريڪا تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. روسي صدارتي محل (ڪريملن) جي ترجمان دمتري پيسڪوف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته صدر ولاديمير پيوٽن خطي جي اڳواڻن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ۽ جنگي صورتحال کي پرامن رستي تي آڻڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي. ترجمان وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن روس جي خدمتن جي ضرورت پئي ته اسان ايران سان لاڳاپيل تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪنداسين ته جيئن علائقائي امن برقرار رهي سگهي. ٻئي طرف، روسي صدر ولاديمير پيوٽن اڄ ماسڪو ۾ مصر جي پرڏيهي وزير جي ميزباني ڪندو. ڪريملن موجب، هن اهم ملاقات ۾ ايران جنگ، مشرق وسطيٰ جي مجموعي سياسي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي. روس جو هي قدم عالمي سطح تي سفارتي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جو حصو آهي.