اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ تيل اگهن ۾ واڌ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ، ناڻي واري وزير سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اعليٰ سطحي اجلاس ۾ تيل جا اگهه وڌائڻ جو ڏکوئيندڙ فيصلو ڪيو ويو آهي. نئين اعلان موجب، پيٽرول 137 رپيا 23 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 458.40 رپيا، جڏهن ته ڊيزل 184 رپيا 49 پئسا واڌ بعد 520.35 رپيا في ليٽر جي رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي. پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ وڌيڪ چيو ته جنگ جي ڪري توانائي جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي طوفان آيو آهي، جنهن سبب حڪومت ذميواراڻا پر ڏکيا فيصلا وٺي رهي آهي. پيٽروليم شين جا نوان اگهه فوري طور تي لاڳو ڪيا ويا آهن. وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ پيدا ٿيل صورتحال تي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ وڏي ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو اعلان ڪري ڇڏيو. پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته تيل جي قيمتن بابت جيڪو به فيصلو ڪيو ويو آهي، اهو ملڪي قيادت جي مڪمل مشاورت سان ڪيو ويو آهي. محمد اورنگزيب اعلان ڪيو ته حڪومت غريب طبقي تي بار گهٽائڻ لاءِ موٽرسائيڪل سوارن کي هر مهيني 20 ليٽر پيٽرول تي 100 رپيا في ليٽر سبسڊي فراهم ڪندي. شهرن جي وچ ۾ هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ (انٽر سٽي) کي ڊيزل تي پڻ 100 رپيا في ليٽر رعايت ڏني ويندي ته جيئن مسافرن کان وڌيڪ ڪرايا نه ورتا وڃن. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ شين جي اگهن کي مستحڪم رکڻ لاءِ ٽرڪن ۽ گڊز ٽرانسپورٽ کي تيل جي مد ۾ ماهوار 70 هزار رپيا سبسڊي ڏني ويندي، جڏهن ته ريلوي جي ڪراين کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ به حڪومت مالي مدد فراهم ڪندي. هن واضح ڪيو ته هن ٽارگيٽيڊ سبسڊي جو مقصد اهو آهي ته حڪومتي امداد صرف حقيقي حقدارن تائين پهچي ۽ ان جو غلط استعمال نه ٿئي. هن چيو ته حڪومت پنهنجي وسيلن موجب عوام جي تڪليفن کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ بچت مهم بابت هڪ اهم اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، چيف آف آرمي اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن، گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ آزاد ڪشمير جي وزيراعظم شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته خطي ۾ جاري جنگ سبب پاڪستان جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي، ان ڪري حڪومت معاشي بچت ۽ جنگ بندي کي پنهنجي پهرين ترجيح بڻايو آهي. هن ٻڌايو ته ڪفايت شعاري تحت ڪابينا ميمبرن 2 مهينن جي پگهار ڇڏي ڏني آهي، جڏهن ته تيل جي استعمال ۾ 50 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وئي آهي. وزيراعظم وڏن وزيرن کي اپيل ڪئي ته اهڙا ترقياتي منصوبا جيڪي ترسي سگهن ٿا، انهن کي روڪي فنڊ غريب طبقي جي رليف لاءِ استعمال ڪيا وڃن. هن چيو ته سياسي استحڪام سان ئي معاشي استحڪام ايندو، سڀني کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي. شهباز شريف چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي سفارتي ڪوششن سبب آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل پاڪستاني بحري جهازن کي رستو مليو آهي ۽ هاڻي 20 جهازن جي گذرڻ جو انتظام ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايراني اختيارين سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن جنگ جي شعلن کي ٿڌو ڪري خطي ۾ امن قائم ڪري سگهجي. اجلاس ۾ شريڪ وڏن وزيرن پاران وفاقي حڪومت جي ڪفايت شعاري قدمن ۾ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي وئي. وفاقي حڪومت ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ توانائي جي بحران ۽ پيٽروليم شين تي ڏنل سبسڊي جو بار گهٽائڻ لاءِ صوبن کان مالي سهڪار جو مطالبو ڪري ڇڏيو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ وچ اوڀر جي صورتحال سبب پيدا ٿيندڙ توانائي جي امڪاني بحران تي غور ڪيو ويو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن تي زور ڀريو ته اهي پيٽروليم مصنوعات تي ڏني ويندڙ سبسڊي ۾ پنهنجو حصو وجهن ته جيئن وفاق تي مالي بار گهٽجي سگهي. ان سان گڏوگڏ، قيمتن ۾ اضافي جو سمورو بار سڌو سنئون واهپيدارن تي منتقل ڪرڻ واري آپشن ت ي به ويچار ڪيو ويو. اجلاس دوران حڪومت جي ڪفايت شعاري مهم ۽ تيل جي بچت لاءِ تجويز ڪيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. ان کان اڳ، بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان گڏ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سياسي ۽ معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. نون پيٽروليم اگهن بابت حتمي فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ متوقع آهي.