سنڌ ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ منصوبابندي تي زور

ڪراچي (رپورٽ: ذوالفقار راڄور ) سنڌ جي ڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي حوالي سان هنگامي خدمتن جي نئينء سر تنظيم  سازي ۽ جديد بنيادن تي ترتيب ڏيڻ لاءِ هڪ جامع منصوبي جو جائزو وٺي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن جو مقصد هڪ مربوط، اثرائتو ۽ تيز رفتار نظام کي هڪ واحد ڪمانڊ تحت قائم ڪرڻ آهي. اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن، سينيئر عملدارن ۽ لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي، جن ۾ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڊي جي ايس بي سي اي مزمل هاليپوٽو، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه ۽ ٻيا آفيسر شامل هئا. بريفنگ دوران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پهرين اپريل تائين سڄي صوبي ۾ 122 ٽيمن ذريعي فائر سيفٽي آڊٽ ڪيو ويو جنهن تحت 3,340 عمارتن جو معائنو ڪيو ويو جيڪو شروعاتي حدف 2,368 کان وڌيڪ آهي. آڊٽ جي نتيجن مطابق حفاظتي معيار تي پورو لهندڙ عمارتن جو تعداد وڌي 1,328 (43 سيڪڙو) ٿي ويو آهي جڏهن ته وڌيڪ خطرناڪ عمارتن جي شرح فيبروري ۾ 33 سيڪڙو کان گهٽجي 22 سيڪڙو رهجي وئي آهي. وڏي وزير کي آگاهه ڪيو ويو ته عملدرآمد دوران ڪيترين ئي خطرناڪ عمارتن کي سيل ڪيو ويو ۽ فائر سيفٽي قانونن تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ لاءِ 3,000 کان وڌيڪ نوٽيس جاري ڪيا ويا. عوامي تحفظ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وڏي وزير چيو ته انساني جان ۽ مال جو تحفظ حڪومت جي اولين ذميواري آهي ۽ هنگامي ردعمل جي نظام ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن سڀني لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي ته فائر سيفٽي قانونن تي سختي سان عملدرآمد، باقاعده معائنو ۽ خطرناڪ عمارتن ۾ فوري اصلاحي قدم يقيني بڻايا وڃن. هن زور ڏنو ته حفاظتي معيار جي معاملي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.. منصوبي ۾ نوان فائر اسٽيشن تعمير ڪرڻ ۽ ريسڪيو 1122 اڪيڊمي جي قيام کي به شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن تربيت ۽ ادارتي صلاحيت کي بهتر بڻائي سگهجي. وڏي وزير کي خريداري جي ٻن طريقن بابت به آگاهه ڪيو ويو، جن ۾ حڪومت کان حڪومت جي وچ ۾ معاهدي ۽ بين الاقوامي مقابلي واري ٻولي شامل آهي جڏهن ته حتمي فيصلو لاڳاپيل وفاقي اختيارين سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو. هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي ساخت جي سڌارن لاءِ پنهنجون سفارشون پيش ڪندي سنڌ ۾ ايمرجنسي سروسز لاءِ هڪ خودمختار ۽ متحد اٿارٽي قائم ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن جي ماڊل تحت ريسڪيو 1122 ۽ صوبائي ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) ان نئين اٿارٽي جي آپريشنل ونگز طور ڪم ڪندا. مجوزہ ڍانچي تحت مقامي حڪومتن جي فائر سروسز کي آپريشنل سطح تي ريسڪيو 1122 سان ضم ڪيو ويندو، جڏهن ته خريداري، تربيت ۽ پاليسي سان لاڳاپيل معاملن جو مرڪزي ڪنٽرول ڊائريڪٽر جنرل ريسڪيو 1122 وٽ هوندو. ڪميٽي سول ڊيفنس جي ڪمن (جنگي ذميوارين کان سواءِ)، ايمرجنسي هيلٿ سروسز ۽ معاوضي واري نظام کي به هڪ ئي نظام تحت آڻڻ جي سفارش ڪئي ته جيئن آفتن دوران ردعمل ۽ رابطي کي بهتر بڻائي سگهجي. وڏي وزير انهن سفارشن جي اصولي منظوري ڏيندي هدايت ڪئي ته نئين نظام کي قانوني شڪل ڏيڻ لاءِ جامع قانوني فريم ورڪ تيار ڪيو وڃي (p. 1). هن ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي سربراهي ۾ پنج رڪني ڪميٽي جي قيام جي به منظوري ڏني جيڪا لاڳاپيل قانون سازي جو مسودو تيار ڪندي. هن چيو ته صوبو هڪ جديد، مربوط ۽ پروفيشنل طور منظم ايمرجنسي نظام ڏانهن وڌي رهيو آهي جيڪو هر قسم جي آفتن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکندو. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته ريسڪيو 1122 کي تعمير کانپوءِ فائر سيفٽي تي عملدرآمد، لائسنسنگ، انسپيڪشن ۽ آڊٽ جا اختيار ڏنا وڃن. صلاحيت وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي وڏي وزير جديد گهرجن ۽ مقامي مهارت مطابق تربيت يافته عملو تيار ڪرڻ لاءِ جديد ترين اڪيڊمي جي قيام جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. اجلاس جي پڄاڻي تي وڏي وزير چيو ته اهي سڌارا نه صرف جوابي وقت کي بهتر بڻائيندا پر کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي کي هٿي ڏيندا ۽ شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائيندا. هن وڌيڪ چيو ته حڪومت هڪ محفوظ ۽ مستحڪم سنڌ جي قيام لاءِ پرعزم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.