صوبائي گهرو وزير ميهڙ ۾ جهيڙي واقعي جو نوٽيس ورتو

ڪراچي(رپورٽر ) صوبائي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار دادو ضلعي جي علائقي ميهڙ ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل هٿياربند جهيڙي جو نوٽيس وٺندي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 2 شهري فوت ۽ 3 زخمي ٿيا آهن۔ صوبائي وزير داخلا سنڌ ايس ايس پي دادو کان واقعيبابت ابتدائي پوليس ڪارروائي ۽ کنيل قدمن جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي۔ ضياءُ الحسن لنجار هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن خلاف بنا ڪنهن امتياز جي قانوني ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي ۽ سندن جلد گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون وڃن۔ هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته زخمين کي فوري ۽ بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ علائقي ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وڃي،هن چيو ته ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ مؤثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، جڏهن ته واقعي جي سببن ۽ پس منظر جو جامع جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي۔ ضياءُ الحسن لنجار واضح ڪيو ته شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو، جڏهن ته علائقي ۾ گشت وڌائڻ ۽ مشڪوڪ ماڻهن تي ڪڙي نظر رکڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔ هن چيو ته امن دشمن عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ علائقي ۾ هر صورت ۾ امن قائم رکيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.