گهوٽڪي(رپورٽ: شيراز مهر/امجد لغاري) داد لغاري ويجھو افسوسناڪ واقعو پيش آيو آھي, 8 نمبر گوھرآباد وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر جو آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو, جنھن جي نتيجي ۾ ڳوٺ علي بخش مھر جا رھواسي مارواڙي برادري جو نوجوان دليپ ڪمار،6 سالن جي روبينا مارواڙي ۽ سليو مارواڙي موقعي تي فوت ٿي ويا ۽ پرديسي مارواڙي سخت زخمي ٿيو آھي, جڏھن ته اھڙي افسوسناڪ واقعي بعد فوتي جي گھر ۾ ڪھرام متل آھي ۽ علائقي ۾ سوڳ واري لھر ڇانيل آھي , ھوڏانھن رابطي ڪرڻ تي فوتي دليپ ڪمار جي ڀا۽ ٻڌايو ته شام جو دير سان منھجو ڀائر دليپ پٽ ڀڳوان مارواڙي معصوم ٻارڙا کڻي گھر وڃي رھيو ھو ته سامھون ايندڙ ٽريڪٽر کي لائيٽ نه ھجڻ ڪري موٽرسائيڪل ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر ٿيو جنھن ۾ منھنجي ڀاءُ دليپ سميت 2 معصوم ٻارڙا فوت ٿي ويا آھن ھوڏانھن داد لغاري پوليس جو چوڻ ھو ته حادثي بعد ٽريڪٽر تحويل ۾ ورتو آھي ۽ فوتين کي پوسٽ مارٽم لا۽ سول اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي وڃي رھيا آھيون.