ڪراچي (رپورٽر)احتساب عدالت غيرقانوني ملڪيتون ٺاهڻ واري ڪيس ۾ ريفرنس واپس وٺڻ جي درخواست جي ٻڌڻي 9 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .چيئرمين نيب ريفرنس واپس وٺڻ جيدرخواست داخل ڪئي آهي.نيب 2019 ۾ ريفرنس داخل ڪيو هو.نيب جي وڪيل چيوته مک جوابدارآغا سراج دراني ۽ ذوالفقار ڏهر فوت ٿي چڪا آهن. ٻڌڻي دوران ريفرنس جا ٻيا جوابدارعدالت ۾ پيش ٿيا .جيل اختيارين پاران حراست ۾ رکيل جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.نيب 2019 ۾ آغا سراج دراني، سندس خاندان، ملازمن ۽ فرنٽ مين خلاف ريفرنس داخل ڪيو هو.آغا سراج دراني ۽ ٻين جوابدارن تي 2020 ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو .جوابدار۾آغا سراج دراني، شهباز دراني، صنم دراني، شمشاد خاتون، سلمي ارشاد ۽ سيد محمد شاهه سميت 20 ٻيا شامل هئا.جوابدارن تي آمدني کان وڌيڪ ملڪيتون گڏ ڪرڻ جو الزام هو.ريفرنس ۾ چيو ويو ته آغا سراج دراني ميئر، سب ميونسپلٽيز ۽ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جي حيثيت سان غير قانوني اثاثا گڏ ڪيا. نيب جي درخواست ۾ چيو ويو ته آغا سراج دراني 15 آڪٽوبر 2025 تي فوت ٿي ويو. سندس وفات کان پوءِ، قانون موجب آغا سراج خلاف ٻڌڻي روڪي وئي. نيب چيئرمين اسپيشل پبلڪ پراسيڪيوٽر منظور شاهه ۽ ارشاد راڄپر ذريعي درخواست داخل ڪئي.عدالت حراست ۾ ورتل جوابدار سيد محمد شاهه راشدي کي ضمانت ڏئي ڇڏي آهي .جج جوابدار 5 لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي .