سنڌ کي تباهه ڪيو ويو آهي،قبائلي جهيڙن ۾ سردارن ۽ وڏيرن جو هٿ آهي: زين شاهه

ميھڙ/راڌڻ (نمائندن وٽان)اسان کي ضرورت پئي پنھنجن ماڻھن ڏانھن اچي انھن کي آگاھي ڏجي يا جيڪي حڪمران آھن انھنجي جيڪا حڪمراني جنھن نموني ھلي پئي اھا سڀني کي خبر آھي آئيني ۽ بنيادي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن پيا اھڙو اظھار ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاهه ميھڙ ۾ عوامي رابطا مھم جي سلسلي ۾ ڪيل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو ھن چيو ته اسيمبليون جنھن نموني آئيني ترميمون ڪن پيون ائين ملڪ جي سمورين ملڪيتن تي ڪنٽرول ڪرڻ چاھن پيا ھن چيو ته اسان ٻين ملڪن ۾ سروس ڏيڻ وڃون ۽ پنھنجي ملڪ ۾ دھشتگردي ھجي ۽ پاڙيسري ملڪن سان تعلق صحيح نه ھجن ، ملڪن کان پيسا وٺي انھن جا اڏا پيا ٺاھيون پنھنجي ملڪ ۾ جيڪي بنيادي شيون جيڪي رياست کي ڏيڻيون ھونديون آھن اھي نه پيون ملن ھن چيو ته عدليا جو ڪردار ڪمزور ٿي ويو آھي 26/27 ترميمن کان پوءِ جيڪي فيڊرل ڪورٽون ٺھيون آھن انھن ۾ سرڪار جي خلاف يا سرڪار جي دلچسپي وٺندڙن ۾ انصاف نه ملي سگھندو آھي سنڌ حڪومت ۽ پ پ پ جيڪي پنهنجي اتحادين سان گڏجي جيڪي فيصلا ڪن ٿا ان مان ملڪ کي نقصان پوي ٿو ھن چيو ته 33 سيڪڙو سنڌ ۾ غربت آھي سنڌ جي 6 ڪروڙ ماڻھن مان 2 ڪروڙ ماڻھو ھڪ ويلو به ماني نه ٿا کائي سگھن صحت جا ادارا تباهه آھن سرڪار جا ماڻھو دوائون وڪرو پيا ڪن ، تعليم تباهه آھي زراعت دشمن پاليسي جوڙي وئي آھي  ھن چيو ته لوڪل باڊيز جو سسٽم تباه آھي ميھڙ ۾ عوامي نمائندگي کي روڪيو ويو آھي ٻين شھرن جا ماڻھو منٿليون ڀري رھيا آھن ھن چيو ته ڪراچي ۾ گھڻيون ئي مافيائون پيدا ٿيون آھن ماڻھن کي صاف پاڻي نه ٿو ملي ، نيڪال جو سسٽم تباهه آھي ھن چيو ته منشيات فروشن جي ڪري نوجوان نسل تباهه آھي امن امان نه آھي ماڻھو ماريا لٽيا ۽ ڦريا وڃن پيا خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ اسان جو ساٿ ڏيو سنڌ تي ڪو به وار ٿئي ته ان ۾ اسان جو ساٿ ڏيو ميڙاڪي ۾ روشن علي ٻرڙو ، امير آزاد پنھور ، ڊاڪٽر برڪت جتوئي ، سڪندر سوڍر ، ممتاز سومرو ، حاجي خان مارفاڻي ، عبدالمجيد سوڍر ، شيرزادو جتوئي ، حبيب حضوري ، فقير محمد تنيو ، اسحاق سوڍر ، نور محمد لاکير ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن سياسي سماجي اڳواڻن وڪيلن ۽ صحافين شرڪت ڪئي  هوڏانهن راڌڻ۾ زين شاهه جي قافلي جو شاندار ۽ پرجوش استقبال ڪيو ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي هن  چيو ته آئين هر شهري جي حقن جو ضامن آهي، جيڪڏهن ان ۾ بار بار ترميمون ڪري عوامي حقن کي ڪمزور ڪيو ويندو ته اهو جمهوري اصولن جي ابتڙ عمل هوندو۔ هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ قبائلي جهيڙن ۾ وڏيرن ۽ سردارن جو هٿ آهي ۽ اهي ئي اهڙين حالتن جا ذميوار آهن۔ان موقعي تي  ممتاز مينگل، شاهد قمر سولنگي، سردار مير مظھر خان جهتيال، غلام شبير منگي، سائين زاهد حسين سومرو، گلاب ڳن  حبيب حضوري ۽ ٻيا پڻ موجود

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.