تهران(عوامي آواز نيوز)دنيا جي اهم ترين آبي گذرگاه هڪ مهيني کان بند آهي ۽ هن بندش مان اهو اشارو ملي رهيو آهي ته دنيا شايد 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيل تيل جي بحران کان به وڏي ڪنهن بحران ڏانهن وڌي رهي آهي۔شپنگ ڪمپني ميسڪ جي اڳوڻي ڊائريڪٽر ۽ جهاز راني جي معاملن جي ماهر لارس جينسن جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل جي ايران خلاف جنگ جا اثر 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پيدا ٿيل اقتصادي افراتفري جي مقابلي ۾ “وڌيڪ” هوندا۔اهو بيان اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن گذريل مهيني جي شروعات ۾ بين الاقوامي توانائي ايجنسي جي ڊائريڪٽر فاتح بيرول خبردار ڪيو هو ته دنيا کي “تاريخ جي سڀ کان وڏي” توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،هنن بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو هو ته هي 1970ع واري بحران کان وڏو بحران آهي، جڏهن تيل جي قيمتن ۾ وڏو جھٽڪو آيو هو. اسان يوڪرين تي روس جي حملي کان پوءِ قدرتي گئس جي قيمتن ۾ واڌ ڏٺي، پر موجوده بحران ان کان به وڏو آهي.”آبناءِ هرمز جي بندش تيل ۽ گئس جي عالمي ترسيل کي سخت متاثر ڪيو آهي، پر ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته دنيا هاڻي ماضي جي مقابلي ۾ اهڙن بحرانن سان منهن ڏيڻ جي وڌيڪ صلاحيت رکي ٿي۔اقتصادي ماهر ۽ ڪرسٽل انرجي جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر ڪيرل نخلي و چوڻ آهي ته 1970ع جو تيل بحران موجوده بحران کان “بنيادي طور تي مختلف” هو، ڇاڪاڻ ته ن وقت تيل جي قيمتن ۾ واڌ هڪ “سوچي سمجهي پاليسي فيصلي” جو نتيجو هئي۔آڪٽوبر 1973ع ۾ تيل پيدا ڪندڙ عرب ملڪن اسرائيل جي يوم ڪپور جنگ جي حمايت ڪرڻ تي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن کي تيل جي فراهمي تي پابندي لڳائي هئي. ساڳئي وقت تيل جي پيداوار به گهٽ ڪئي وئي، جنهن سبب عالمي سطح تي بحران پيدا ٿيو،هن چيو ته ان جو نتيجو اهو نڪتو ته ٿورن ئي مهينن اندر تيل جون قيمتون لڳ ڀڳ چار ڀيرا وڌي ويون۔ان نتيجي ۾ تيل استعمال ڪندڙ وڏن ملڪن ايندھن جا ذخيرو ڪرڻ شروع ڪيا، جنهن عالمي معاشي ۽ مالي بحران کي جنم ڏنو جنهن جا ڊگها اثر پيا۔ڊاڪٽر تيارنان هيني جو چوڻ آهي ته تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب مهانگائي لارس جينسن جو چوڻ آهي ته نار مان روانو ٿيل گهڻو تيل اڃا به دنيا جي ريفائنرين تائين پهچي رهيو آهي، پر اهو سلسلو جلد ختم ٿي ويندو،جيڪڏهن آبناءِ هرمز سڀاڻي به کلي وڃي، تڏهن به تيل جي موجوده کوٽ ۾ وڌيڪ واڌ ٿيندي،قيمتن ۾ وڏو اضافو ڏسڻ ۾ ايندو، نه رڳو هن بحران دوران پر ان جي ختم ٿيڻ کان پوءِ به ڇهه کان ٻارهن مهينن تائين،ٻئي طرف جوئل هينڪاڪ جو چوڻ آهي ته 1970ع جو بحران گهڻو ڪري ترقي يافته ملڪن تي اثرانداز ٿيو، جڏهنته موجوده بحران جو وڏو اثر ترقي پذير ملڪن تي پئجي رهيو آهي، جن وٽ اهڙي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ وسيلا ۽ مضبوط ادارا گهٽ آهن۔موجوده بحران جو خاتمو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن جنگ ختم ٿيندي۔ڊاڪٽر هيني جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن بحران ڊگهو ٿيو ته مستقبل بابت اميدون وڌيڪ مايوس ٿي سگهن ٿيون۔