پيرس(م ڊ) فرانس جي هٿياربند فوجن جي جونيئر وزير، ايلس روفو چيو آهي ته نيٽو آبنائے هرمز ۾ فوجي آپريشن لاءِ نه ٺاهيو ويو هو ۽ اهڙي ڪنهن به سرگرمي کي بين الاقوامي قانون جي ڀڃڪڙي سمجهيو ويندو. پيرس ۾ ڳالهائيندي، ايلس روفو چيو، "مان توهان کي ياد ڏيارڻ چاهيان ٿو ته نيٽو ڇا آهي. اهو هڪ فوجي اتحاد آهي جيڪو يورو-ايٽلانٽڪ علائقيجي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل آهي. اهو آبناءِ هرمز ۾ آپريشن لاءِ نه ٺاهيو ويو هو، ۽ ائين ڪرڻ بين الاقوامي قانون جي خلاف ورزي هوندي.