لاهور (بيورو) پنجاب اسيمبلي ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ جبري مذهب جي تبديلي کي روڪڻ لاءِ اهم بل جمع ڪرايو ويو آهي. اقليتي معاملن واري اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فليبوس ڪرسٽوفر پاران جمع ڪرايل هن بل ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ڪنهن جو به جبري مذهب تبديل ڪرائڻ تي ملوث ماڻهوءَ کي 5 سال قيد ۽ وڏي ڏنڊ جي سزا ڏني وڃي. بل جي متن ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته تعليمي ادارن ۽ ملازمتن ۾ اقليتي شهرين سان ڪنهن به قسم جو امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو ۽ صوبائي سطح تي تعليمي نصاب کي به جديد گهرجن موجب تبديل ڪيو ويندو. وفاقي آئيني عدالت جي گذريل هفتي واري فيصلي کي نظر ۾ رکندي، هن بل جو مقصد اقليتن کي ملڪي قانون تحت تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ سماجي متڀيد جو خاتمو ڪرڻ آهي.