نقيب الله قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او سميت 7 جوابدار ضمانت تي آزاد

ڪراچي(رپورٽر)نقيب الله  قتل ڪيس ۾ اڳوڻي ايس ايڇ او امان الله سميت 7 جوابدارن کي هڪ، هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي نامزد جوابدارن جي ضمانت واري درخواستتي دليل ٻڌا ويا۔عدالت فيصلو ٻڌائيندي چيو ته جوابدار هڪ، هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ بعد جيل مان آزاد ٿي سگهن ٿا۔جوابدارن جي وڪيل جو مؤقف هو ته گرفتار پوليس اهلڪارن خلاف ڪنهن به شاهد اهو بيان نه ڏنو آهي ته مقابلو جعلي هو، جڏهن ته حتمي ثبوتن جي کوٽ سبب جوابدارن کي ڊگهي عرصي تائين جيل ۾ رکڻ مناسب ناهي۔وڪيل وڌيڪ ٻڌايو ته ساڳئي ڪيس ۾ اڳوڻو ايس ايس پي ملير رائو انوار سميت 18 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار اڳ ئي بري ٿي چڪا آهن، جڏهن ته مفرور جوابدارن عدالت جي فيصلي کانپوءِ پاڻ کي پيش ڪيو هو۔واضح رهي ته نقيب الله محسود کي 2018ع ۾ هڪ مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ جعلي مقابلو قرار ڏنو ويو ۽ ان تي سڄي ملڪ ۾ سخت ردعمل سامهون آيو هو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.