تهران (م ڊ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقجي پنهنجي ترڪ هم منصب حاڪان فيدان کي فون ڪري ترڪيه تي ميزائل حملي جي سخت ترديد ڪئي آهي. عباس عراقجي چيو ته اهڙيون خبرون دشمن جي فالس فليگ آپريشنز جو حصو آهن، جنهن جو مقصد علائقائي ملڪن ۾ دشمني پيدا ڪرڻ آهي. هن ميزائل حملي جي حقيقت ڄاڻڻ لاءِ ترڪيه کي گڏيل جاچ ۽ مڪمل فني سهڪار جي آڇ پڻ ڪئي. هڪ ٻئي بيان ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران سعودي عرب کي پنهنجو ڀائر ملڪ سمجهي ٿو ۽ ان جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته خطي ۾ بدامني پکڙيندڙ آمريڪي فوجن جي نڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. عباس عراقجي واضح ڪيو ته ايران کي ڪمزور سمجهڻ جي غلطي نه ڪئي وڃي، ڇو ته ايران جي طاقتور هٿياربند فوج هاڻي جنگي ڏوهارين ۽ جارحيت ڪندڙ قوتن کي سخت سزا ڏئي رهي آهي.