ڪي اليڪٽرڪ فڪسڊ چارجز ذريعي صارفين کي آخر ڪيستائين ڦرندي رهندي؟

ڪراچي سميت ملڪ جي ٻين علائقن ۾ بجلي جي وڌندڙ اگهن اڳ ئي عام ماڻهو جي زندگي ڏکي بڻائي ڇڏي آهي، پر ان کان به وڌيڪ ڳڻتي جوڳي ڳالهه اها آهي ته بجلي جي بلن ۾ ”فڪسڊ چارجز“ جي نالي سان اضافي بار پڻ وڌو پيو وڃي، جنهن کي اسان سڌي طرح عوام جي کيسي تي ڌاڙو سمجهون ٿا.  هن مسئلي تي نه رڳو آواز اٿارڻ جي ضرورت آهي، پر ان بابت عوام کي به اگاهه ڪرڻ جي گهرج آهي.

گھڻن ماڻهن کي يقينن اها به خبرنه هوندي ته فڪسڊ چارج آهن ڇا، اصل ۾ فڪسڊ چارجز اهي چارج آهن، جيڪي بجلي استعمال ڪرڻ کان سواءِ به صارف کان وصول ڪيا وڃن ٿا يعني جيڪڏهن ڪو ماڻهو هڪ مهيني ۾ بجلي بلڪل به استعمال نه ڪري، تڏهن به کيس هڪ مقرر رقم ادا ڪرڻي پوندي۔ اهو چارج عام طور تي ميٽر جي قسم، لوڊ يا ڪنيڪشن جي بنياد تي لڳايو ويندو آهي۔ بظاهر دليل اهو ڏنو ويندو آهي ته ڪمپني کي پنهنجي نظام کي هلائڻ، لائنن جي سار سنڀال ۽ انفراسٽرڪچر لاءِ خرچ پورا ڪرڻا پوندا آهن، تنهنڪري فڪسڊ چارجز ضروري آهن پر سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي خرچ صرف عوام کان ئي وصول ڪرڻا آهن؟

فڪسڊ چارجز جو سڀ کان وڏو نقصان اهو آهي ته اهو بجلي جي اصل استعمال سان لاڳاپيل ناهي۔ غريب ماڻهو جيڪو گهٽ بجلي استعمال ڪري ٿو، اهو به ساڳيو فڪسڊ چارج ڏئي ٿو، جيڪو هڪ امير صارف ڏئي ٿو نتيجي طور، اهو نظام غريبن لاءِ وڌيڪ ظالماڻو بڻجي وڃي ٿو۔ گهٽ آمدني وارا گهر جيڪي صرف بلب ۽ پکو استعمال ڪن ٿا، اهي به ڳرا بل ڀرڻ تي مجبور آهن

ننڍا دڪاندار ۽ روزاني ڪم ڪندڙ ماڻهو، جيڪي اڳ ئي مهانگائي جي ور چڙهيل آهن، انهن لاءِ ڪاروبار هلائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. تنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو مجبور ٿي بجلي جو ڪنيڪشن ئي ختم ڪرائڻ تي سوچڻ لڳا آهن. ان کان علاوه، فڪسڊ چارجز هڪ اهڙو عنصر بڻجي ويو آهي، جيڪو بجلي بچائڻ جي حوصلا افزائي کي به ختم ڪري ٿو۔ جڏهن صارف کي اهو پتو آهي ته هو بجلي گهٽ استعمال ڪري يا وڌيڪ، کيس هڪ مقرر رقم ته ادا ڪرڻي ئي آهي، ته پوءِ بچت جو ڪهڙو فائيدو ٿيو.

سو فڪسڊ چارجز هڪ اهڙو طريقو بڻجي ويو آهي، جنهن سان ڪمپنيون پنهنجا نقصان يا نااهلي جا نتيجا عوام تي مڙهي رهيون آهن۔ بجلي چوري، لائن لاسز، ناقص انتظام ۽ ٻين مسئلن کي حل ڪرڻ بدران انهن جو بار سڌو سنئون صارف تي وڌو پيو وڃي۔ بجلي چوري ڪندڙ آزاد آهن، پر ايماندار صارف کي اضافي چارج ڀرڻو پوي ٿو ٻيو ته ڪمپني جي ناڪامي جو بار عوام تي وڌو وڃي ٿو. بلن ۾ شفافيت نه هجڻ سبب صارف کي خبر ئي نٿي پوي ته ڪهڙو چارج ڇو لڳايو ويو آهي، اهو عمل ڪنهن به طرح انصاف تي ٻڌل ناهي۔ هڪ عام ماڻهو، جيڪو پنهنجي محدود آمدني مان گهر هلائي ٿو، ان لاءِ اهڙا بل ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهن۔

هتي سڀ کان وڏو سوال چونڊيل حڪومت جي ڪردار تي اڀري ٿو۔ حڪومت جو بنيادي فرض عوام کي رليف ڏيڻ، انهن جي زندگي آسان بڻائڻ ۽ بنيادي سهولتون سستيون مهيا ڪرڻ آهي  پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته موجوده حالتن ۾ حڪومتون هاڻي ان کي پنهنجو فرض ئي نه ٿيون سمجهن. ڇو ته حڪومتون پاڻ ئي انهن پاليسين کي جاري رکڻ جي اجازت ڏينديون آهن، جيڪي سڌي طرح عوام جي معاشي حالت کي تباهه ڪري رهيون آهن. بجلي ڪمپنين کي مڪمل آزادي ڏني وئي آهي ته اهي پنهنجي مرضي سان چارجز لاڳو ڪن اهو تاثر به مضبوط ٿي رهيو آهي ته حڪومت يا ته بي وس آهي يا وري ڪي اليٽٽرڪ جي فڪسڊ چارجز واري سسٽم جو حصو بڻجي چڪي آهي۔ ٻنهي حالتن ۾ نقصان صرف عوام جو ٿي رهيو آهي۔

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته حڪومت سنجيده قدم کڻي ۽ عوام کي هن ظالماڻي نظام کان نجات ڏياري۔ ڇاڪاڻ ته پڇڻ وارا پڇن ٿا ته ڪي اليڪٽريڪ وارا فڪسڊ چارجز ذريعي آخر ڪيستائين صارفين کي ڦرندا رهندا. سو فڪسڊ چارجز جو موجوده نظام ڪنهن به طرح عوام دوست ناهي، بلڪه اهو هڪ منظم ڦرلٽ جو طريقو بڻجي ويو آهي۔ جيڪڏهن حڪومت واقعي عوام جي ڀلائي چاهي ٿي ته ان کي فوري طور تي هن مسئلي تي ڌيان ڏيڻو پوندو۔ نه ته عوام جي بيچيني وڌندي رهندي ۽ معاشي بحران وڌيڪ ڳرو ٿيندو۔

عوام کي به گهرجي ته هو پنهنجي حقن بابت آگاهي حاصل ڪري، آواز بلند ڪري ۽ اهڙين پاليسين جي مخالفت ڪري، جيڪي انهن جي معاشي استحڪام کي خطري ۾ وجهن ٿيون۔ جڏهن ته ذميوار حڪومت اها چئبي آهي، جيڪا پنهنجي عوام کي رليف ڏئي، نه ڪي انهن جي کيسي تي بار وڌائي۔ هاڻي فيصلو حڪومت جي هٿ ۾ آهي ته اها عوام جو ساٿ ڏئي ٿي يا انهن کي وڌيڪ تڪليف ۾ وجهي ٿي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.