واٽس ايپ هڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو آهي جنهن سان واهپيدارن جي پرائيويسي وڌيڪ محفوظ رهندي.
رپورٽ موجب هي نئون فيچر اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس جي بيٽا ورزنز ۾ واهپيدارن لاءِ موجود آهي.
هن فيچر تحت توهان اهڙا ميسيج دوستن يا گهروارن کي موڪلي سگهندا جيڪي هڪ ڀيرو پڙهڻ کانپوءِ پاڻمرادو ڊيليٽ ٿي ويندا. ان سان واهپيدارن کي پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ ڪنٽرول ڪرڻ جو موقعو ملندو.
رپورٽ موجب واٽس ايپ ۾ ڊس اپيئرنگ ميسيجز جي فيچر ۾ آفٽر ريڊنگ ٽائيم جو واڌارو ڪيو ويو آهي. ان ٽول سان توهان جيڪي ميسيج موڪليندا اهي هڪ ڀيرو پڙهڻ بعد پاڻمرادو ڊيليٽ ٿي ويندا. هاڻي واٽس ايپ جا واهپيدار ڊس اپيئرنگ ميسيج فيچر کي استعمال ڪري سگهندا. هن فيچر سان ميسيجز 24 ڪلاڪن، 7 ڏينهن يا 90 ڏينهن سميت ڪنهن به طئي ٿيل وقت بعد پاڻمرادو ڊيليٽ ٿي ويندا.
هي فيچر ڪرائتو آهي پر محدود به آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ڀيرا ميسيج پڙهڻ کان اڳ ئي ڊيليٽ ٿي وڃن ٿا. هي نئون واڌارو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندو ته اهڙا ميسيج ان وقت تائين موجود رهن جيستائين انهن کي پڙهيو نٿو وڃي. جيئن ئي توهان ميسيج پڙهندا ته هي طئي ٿيل وقت ۾ پاڻمرادو ڊيليٽ ٿي ويندا.
ڪمپني پاران آفٽر ريڊ ٽائمر سان 5 منٽ، هڪ ڪلاڪ ۽ 12 ڪلاڪ جا ٽي آپشن ڏنا ويندا. جيئن ته مٿي ٻڌايو ويو آهي ته هي فيچر بيٽا ورزن ۾ متعارف ڪرايو ويو آهي ته اهو چوڻ ڏکيو آهي ته هڪ سمورن واهپيدارن لاءِ ڪڏهن اچي ويندو.