28 فيبروري تي اسرائيل ۽ آمريڪا ايران خلاف فوجي ڪارروائي جو آغاز ڪيو، جيڪا اڳتي هلي هڪ مڪمل جنگ ۾ تبديل ٿي وئي. ان جنگ جو دائرو خليج جي نون ملڪن تائين پکڙجي ويو. آبنائي هرمز جنهن جي ذريعي تيل جي 25 ۽ گيس جي 35 سيڪڙو عالمي گهرج پوري ڪئي ويندي آهي، جهاز راني لاءِ عملي طور بند ٿي وئي. ان جنگ سان عالمي معيشت کي هيل تائين ٽي ٽريلين ڊالرن جو نقصان پهچي چڪو آهي. جنگ بندي ۽ ڳالهين جو عمل جيتوڻيڪ جاري آهي، تنهن هوندي به تاريخي حقيقت اها آهي ته هن نوعيت جا سنگين تڪرار پنهنجي منطقي انجام تائين پهچڻ کان اڳ وڏو انساني، مالي ۽ سياسي نقصان وٺندا آهن.
آمريڪا ۽ ايران ٻنهي کي ان جنگ مان پهچندڙ غير معمولي مالي نقصان جي چڱي ريت پروڙ آهي. هو اهو به ڄاڻن ٿا ته هيءَ 21 هين صدي آهي، جنهن ۾ ٽيڪنالاجي جي جديد انقلاب دنيا کي هڪ معاشي اڪائي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري ان جنگ جا تباهه ڪندڙ اثر رڳو انهن تائين محدود نه رهندا، پر ان عالمي معاشي نظام جي بنيادن کي به لوڏي ڇڏيندا جنهن جو هو پاڻ هڪ اهم حصو آهن. هاڻي سوال اهو آهي ته انهن حقيقتن کي ڄاڻڻ جي باوجود جهيڙو ڪندڙ ڌريون ان جنگ کي طول ڏيڻ تي ڇو مجبور آهن؟
ان سوال جو جواب حاصل ڪرڻ لاءِ ماضي جي انهن تجزياتي اصولن کان هٽڻو پوندو، جن ۾ ڪنهن خاص نظريي يا عقيدي جي بنياد تي نتيجو اڳ ۾ ئي ڪڍيو ويندو آهي ۽ ان کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ۽ ثبوت بعد ۾ ڳوليا ويندا آهن. ايران آمريڪا جنگ جي حوالي سان جاري بحث ۾ به ٻن انتهائي متضاد نقطه نظر جو غلبو نظر اچي ٿو. پر، ان اهم ڳالهه کي نظرانداز ڪيو ويو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جنگ جو بنيادي سبب ڇا آهي؟ مختصر لفظن ۾، هي ٽڪراءُ متضاد نظام رکندڙ ٻن ملڪن جي وچ ۾ ٿي رهيو آهي. هڪ ملڪ تي 20هين صدي ۾ قائم ٿيندڙ سخت گير نظرياتي حڪومت آهي، جڏهن ته ٻئي ملڪ تي 21هين صدي جي ٽئين ڏهاڪي ۾ برسرِاقتدار اچڻ واري ۽ معاشي دٻاءُ جو شڪار، هڪ جمهوري حڪومت آهي جيڪا معاشي عملي پسندي تي يقين رکي ٿي.
هيءَ جنگ ماضي ۾ ملڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ روايتي جنگين کان بلڪل مختلف آهي. ان جنگ ۾ هڪ ڌر پنهنجي نظرياتي، جڏهن ته ٻي پنهنجي معاشي بقا جي لاءِ وڙهي رهي آهي. انهن مان ڪا به ڌر پنهنجي بقا جي قيمت تي سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ان ڪري ڳالهيون ٻيهر ٻيهر ناڪام ٿي رهيون آهن.
ايران آمريڪا جنگ جو هي منفرد مظهر، تاريخ جي ارتقائي عمل جي غير جذباتي تجزيي جي تقاضا ڪري ٿو. 19هين ۽ 20هين صديون خوابن ۽ رومانس جون بي مثال صديون هيون. انهن ٻن صدين دوران دنيا جو وڏو حصو برطانيا، فرانس، پورتگال، اسپين، بيلجيم، نيدرلينڊز، جرمني ۽ اٽلي جي قبضي هيٺ هو. نوآبادياتي تسلط جي خلاف ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا ۾ قومي آزادي جون شاندار تحريڪون هليون، جن ۾ لکن انسانن آزادي جي خواب جي عملي تعبير لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. قومپرستي هڪ طاقتور نظريو بڻجي وئي، پر اڳتي هلي ان نظريي جي پيٽ مان فاشسٽن (فاشزم) جنم ورتو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻي عالمي جنگ ٿي ۽ ڪروڙين بيگناهه انسان موت جو شڪار بڻجي ويا. صنعتي انقلاب جي شروعاتي دور ۾ وحشياڻي انساني استحصال خلاف مارڪسي ڪميوزم جو نظريو اڀريو. هڪ خوبصورت ۽ منصفاڻي سماج جي تشڪيل جي خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ سويت يونين ۾ 1917 جو انقلاب آندو ويو. ٻي عالمي جنگ کانپوءِ سويت ۽ آمريڪي بلاڪ جي وچ ۾ سرد جنگ جو آغاز ٿيو، جنهن جي دنيا وڏي قيمت چڪائي. سويت يونين پنهنجي عوام کي آزادي ۽ بنيادي انساني حقن کان سواءِ سڀ ڪجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. پر، سخت گير اشتراڪي نظرياتي نظام ۾ ان جمهوريت جي ڪا گنجائش نه هئي جيڪا پائيدار معاشي ترقي ۽ تبديلي جي وقتائتي عمل کي يقيني بڻائي ها. اهو ئي سبب هو ته جيسين رڳو افرادي قوت (مزدورن) جي بنياد تي قائم پراڻي طرز جو صنعتي پيداواري نظام موجود هو، سويت يونين ترقي ڪندو رهيو، پر جڏهن ٽيڪنالاجي روايتي طرز جي افرادي قوت جي جڳهه وٺڻ شروع ڪئي ته غير لچڪدار اشتراڪي معاشي نظام به بحران جو شڪار ٿي ويو ۽ سويت يونين جهڙي عظيم ائٽمي ۽ فوجي طاقت جو شيرازو وکري ويو.
چين به 1970 جي ڏهاڪي ۾ شديد معاشي بحران جي لپيٽ ۾ اچي چڪو هو. 1976 ۾ ڪميونسٽ چين جي باني مائو زي تنگ جي وفات کانپوءِ جديد چين جو معمار ڊينگ شياؤ پنگ اقتدار ۾ آيو. هن وقت وڃائڻ کان سواءِ مائو دور جي پاليسين کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو. آمريڪا کي سامراج چوڻ بند ڪيو ويو، آمريڪا ۽ يورپ سان دوستي جي نئين دور جو آغاز ٿيو، آمريڪا چين جو سڀ کان وڏو تجارتي ڀائيوار بڻجي ويو، آمريڪي ۽ يورپي سرمائي، ٽيڪنالاجي ۽ وڏين ملٽي نيشنل ڪمپنين لاءِ چين جا دروازا کولي ڏنا ويا، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ڪيترن ئي کرب ڊالرن تائين پهچي ويا، لکن چيني نوجوانن آمريڪا جي اعليٰ درسگاهن مان جديد تعليم حاصل ڪئي، انهن ۾ چين جو هاڻوڪو صدر شي جن پنگ جي ڌيءَ به شامل آهي جنهن 2014 ۾ آمريڪا جي هارورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي. اڄ چين ۾ 100 کان وڌيڪ ارب پتي (ڊالرن ۾) آهن. پهرين نجي ملڪيت ‘حرام’ هئي، اڄ لکين چيني گهرن، گاڏين، ملڪيتن ۽ ڪاروبار جا مالڪ آهن. چين اشتراڪي نظريي کي معيشت جي تابع ڪري ڇڏيو؛ مٿان ڳاڙهو جهڊو ڦڙڪي رهيو آهي، هيٺان سوشلسٽ مارڪيٽ اڪانومي پنهنجو رنگ ڏيکاري رهي آهي. انهن تبديلين جا زبردست نتيجا نڪتا ۽ رڳو ٽيهن سالن ۾ چين دنيا جي ٻي سڀ کان وڏي معيشت بڻجي ويو.سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو حيرت انگيز انقلاب سوين ملڪن ۾ معاشي معجزا ڏيکاري رهيو آهي. دنيا پاڻ ۾ ڳنڍجي چڪي آهي، جنهن ۾ نظرياتي انتهاپسندي، جذباتي نعرن ۽ عالمي معيشت کي مفلوج ڪرڻ جهڙن قدمن جي ڪا گنجائش ناهي. جيڪو ملڪ انهن حقيقتن کي قبول نه ڪندو، اهو معاشي پسماندگي ۽ عالمي اڪيلائي جو شڪار ٿي ويندو. نظرياتي انتهاپسندي ڏانهن مائل هر حڪومت کي پنهنجي قيام جي جواز لاءِ هڪ ازلي دشمن جي ضرورت هوندي آهي. ان جي برعڪس، جمهوري حڪومت ڇاڪاڻ ته هميشه اقتدار ۾ نٿي رهي سگهي، تنهنڪري کيس ڪنهن ابدي دشمن جي خوف جي بجاءِ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي. ايران ۾ جيڪڏهن صورتحال مختلف هجي ها ته آمريڪا سان جنگ جي نوبت نه اچي ها، ڇاڪاڻ ته تاريخ ۾ ٻن حقيقي جمهوري ملڪن جي وچ ۾ اڄ تائين ڪا به وڏي جنگ ناهي ٿي.
21هين صدي ۾، پراڻي نظرياتي دنيا جي جڳهه هڪ بالڪل مختلف ۽ نئين دنيا جنم وٺي چڪي آهي، جنهن سان پاڻ کي هم آهنگ ڪرڻ جو چئلينج هر ملڪ کي درپيش آهي. جيڪي ملڪ پنهنجي اندر لچڪ پيدا ڪري پاڻ کي تبديل ڪندا، اهي ترقي جي راهه ۾ اڳتي نڪري ويندا ۽ دير ڪندڙ پنهنجا هٿ مليندا رهجي ويندا. مٿيان سڀ عنصر ان ڳالهه جي تقاضا ڪن ٿا ته ايران-آمريڪا جنگ جي سببن ۽ عنصرن جو تجزيو ماضي جي نه پر مستقبل جي تناظر ۾ ڪيو وڃي، ته جيئن اهي حقيقتون به سامهون اچي سگهن جيڪي جذباتي تجزين جي بار هيٺ دٻيل آهن.