ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر فهميده لغاري واقعي خلاف هزارين ماڻهن جي ريلي

ميرپورخاص(رپورٽ: غفار رند) ميرپورخاص تعلقي حسين بخش مري مان وزير علي مري جي اڳواڻي ۾ هزارين ماڻهن ڊاڪٽر فهميده لغاري کي مبينا طور حراسان ڪرڻ بعد خودڪشي تي مجبور ڪرڻ واري واقعي ۽ سندس خون سان انصاف نه ٿيڻ خلاف وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي، ريلي ۾ سياسي، سماجي، قومپرست اڳواڻن، شهرين، عورتن ۽ نوجوانن سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ريلي تعلقي حسين بخش مري مان نڪتي جيڪا ٽنڊو آدم ناڪو، جرواري چوڪ، چاندني چوڪ ۽ پوسٽ آفيس چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر فهميدا لغاري سان ٿيل ظلم انسانيت خلاف سنگين ڏوهه آهي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري کين سخت سزا ڏني وڃي، هنن چيو ته جيڪڏهن متاثر خاندان کي جلد انصاف فراهم نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو۔ مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي انصاف لاءِ نعريبازي ڪندا رهيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.