ڪراچي(عوامي آواز نيوز)پ پ جي سنيئر اڳواڻ ۽ ايم اين اي شازيا مري چيو آهي ته ڪجهه ليگي وزيرن پاران جيڪي بيان اچي رهيا آهن مون کي خبر ناهي ته اهو حڪومتي موقف آهي يا سندن ذاتي راءِ آهي،اسان سان ان طرح جي ڳالهه ٻوله سرڪاري سطح تي ناهي ڪئي وئي،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران مالي معاملن جي حوالي سان ڪجهه خدشا آهن اهي اڄ جا ناهن،اهي اڳ به هئا،بلاول ڀٽو زرداري واضح ڪيو آهي ته وفاقي حڪومت کي فسڪل مئنيجيمينٽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي،چاهي اهي ايف بي آر جون وصوليون هجن يا انهن جا غيرضروري خرچ،چاهي اهي وزارتون هجن جن جي هاڻي ضرورت ناهي ڇو ته ارڙهين ترميم ٿي چڪي آهي،گهڻا اشوز صوبن کي منتقل ٿي چڪا آهن پر وقت به وقت اها ڳالهه اٿاري ويندي آهي،ان قسم جون ڳالهيون ڪري حڪومت جا نام نماد نمائندا معاملن کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائيندا آهن،هن چيو ته بي آءِ ايس پي تي اسان جو سنگين اعتراض آهي ڇو ته بي آءِ ايس پي هڪ قومي پروگرام آهي،ان وٽ هڪ يونيڪ ڊيٽا آهي،اسان پٺتي پيل طبقن کي بچائي سگهون ٿا،وفاقي حڪومت بي جا ٽيڪس وڌائي ٿي جنهن جا اثر ماڻهن جي زندگين،انهن جي کيسن ۽ انهن جي حالتن تي پون ٿا ته پوءِ اها صوبن جي ذميواري ڪيئن ٿي بڻجي ته اهي ماڻهن کي بچائن؟صوبا پنهنجا ڪم ڪري رهيا آهن،اهي پنهنجا پنهنجا پروگرام هلائي رهيا آهن،پر وفاق جي به ذميواري آهي،هن چيو ته صوبن جو عوام وفاقي حڪومت جي غيرمنصفاڻين پاليسين جي قيمت ڇو ڀري؟هن چيو ته وفاقي سرڪار آءِ ايم ايف سان گڏ ويهي پاليسيون ٺاهي ٿي،عالمي مالياتي ادارا جا جيڪي به سخت ۽ غيرمناسب شرط آهن،ان حوالي سان به اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي،وفاقي حڪومت کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ماڻهن جو ڪيترو انگ غربت ،بيروزگاري ۽ مهانگائي جو شڪار آهي،توهان کي ماڻهن کي هدفي سبسڊي ڏئي انهن جو تحفظ ڪرڻو آهي،توهان من پسند شعبن کي سبسڊي نٿا ڏئي سگهو،توهان اشرافيه کي سبسڊي نٿا ڏئي سگهو،هن چيو ته پيٽروليم ليوي وارو معاملو سنگين آهي،حڪومت کي ان معاملي تي پٺتي هٽڻو پوندو،ليوي ورڇ جوڳي پول جو حصو ناهي،اسان ليوي معاملي تي آواز بلڪل اٿاريو آهي،هن چيو ته ملڪ ۾ ايڊونچرن جي ضرورت ناهي،اسان کي ميچوئر سياسي اسٽيڪ هولڊرز طور ڳالهه ڪرڻي پوندي،هن چيو ته ملڪ جا دفاعي معاملا آهن يا سفارتي انهن تي پ پ ڪو به سمجهوتو نه ڪندي،پ پ وفاقي حڪومت جي ڏکيائين کي سمجهي ٿي،پر انهن کي به اسان جي ۽ اسان جي ووٽرن جي اعتراضن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي،26 ۽ 27هين ترميم ۾ صوبن جي حقن کي تحفظ ڏنو ويو،پر مالي اسپيس جي حوالي سان ڳالهائڻو پوندو اسان به ملڪ ۽ عوام جي مفادن جو خيال رکندا آهيو