ڇا سنڌ جي سياست بدلجڻ واري آهي؟

علي ٿهيم

سنڌ ۾ سياسي پارٽين جون سرگرميون شروع ٿي چڪيون آهن مسلم ليگ ف جي اڳواڻي ۾ سنڌ ۾ پ پ مخالف ڌڙن ۽ پ پ جي اندر ويٺل ۽ پارٽي سان اختلاف رکندڙ ڌرين سان مسلم ليگ ف پاران رابطن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي ۔ سنڌ ۾ 17 سالن کان وڌيڪ عرصي تائين لاڳيتو اقتدار جا مزا ماڻيندڙ ۽ پاڻ کي سنڌ ۾ ناقابل شڪست تصور ڪندڙ پ پ خلاف وڏو محاذ ٺهي رهيو آهي ۔ يقينن پ پ ان محاذ کان ڀلي ڀت واقف هوندي پر اقتدار جي طاقت هئڻ ڪري في الحال پ پ کي مخالفن جون سرگرميون نظر ئي نه پيو اچن ۔

پ پ جي لاڳيتي چوٿين ڀيري اقتدار تائين رسائي حاصل ڪرڻ بابت هتي مختلف ڳالهيون هلي رهيون آهن ۔ جن ۾ مخالف اهو چوندا رهيا آهن ته پ پ سنڌ جو سودو ڪري اقتدار حاصل ڪيو آهي ۔ سنڌ جي سودي جا جيڪي الزام لڳايا ٿا وڃن انهن ۾ سنڌ جون سرڪاري زمينون طاقتورن کي ڏيڻ ۔ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍڻ جا الزام لڳايا ٿا وڃن ۔ گذريل ڪافي عرصي کان ملڪ ۾ 28 هين ترميم آڻڻ جون ڳالهيون عام پيون هلن ۔ چيو پيو وڃي ته 28 ترميم ۾ جتي ٻيا به نُڪتا آهن ان ۾ سڀ کان وڏو تڪراري نڪتو نوان صوبا ٺاهڻ جو به آهي ۔ جڏهن به نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهھ اچي ٿي سنڌ جو هر ماڻهو سخت بيچين ٿيو وڃي ڇو ته سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي کي ڪنهن به صورت ورهائڻ نه ڏيندي ۔

پ پ 28 هين ترميم خلاف ته ڳالهائي ٿي پر ان ۾ شامل نُڪتن جو ذڪر نٿي ڪري ۔ نه ئي هن اڃا تائين کلي مخالفت ڪئي آهي۔

ايندڙ عام چونڊن ۾ جيڪا سياست هلندي ان ۾ يقينن 28 هين ترميم جو سڀ کان گهڻو ذڪر هوندو ۔  پ پ کي پنهنجي سياسي قوت بچائڻ لاءِ ڪئي محاذن تي مهاڏو اٽڪائڻو پوندو ۔ جڏهن ته پ پ مخالف پارٽين خلاف نه ته ڪو ڪرپشن جو الزام آهي نه سنڌ کپائڻ يا مبينا طور سودو ڪرڻ جو الزام آهي ۔ انهن پارٽين جي اليڪشن مهم  پ پ جي مخالفت هوندي ۔  پ پ جيڪا هن وقت به ملڪ جي صدارت، سينيٽ چيئرمين، ٻن صوبن ۾ گورنر، ٻن صوبن ۾ وزيراعليٰ رکي ٿي اها اليڪشن مهم دوران دفائي پوزيشن ۾ ئي نظر ايندي ۽ پنهنجي اقتدار بابت وضاحتون ڏيندي نظر ايندي ۔

چون ٿا ته 28 هين ترميم ڪڏهوڪي اچي وڃي ها پر ايران آمريڪا جنگ جي خاتمي ۽ ٽياڪڙي ۾ ميزباني ڪرڻ ۽ جنگ جي مڪمل خاتمي لاءِ سفارتي ڪوششن جي ڪري في الحال ڪجهه وقت لاءِ ان کي روڪيو ويو آهي، پر اڳتي هلي اها ترميم قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيڻي آهي ۔ گذريل ڪجهه وقت کان ڏٺو ۽ ٻڌو پيو وڃي ته صدر آصف علي زرداري سان گڏ پ پ جي ٽاپ ليڊرشپ خلاف الزامن جي ڀرمار شروع ٿي چڪي آهي جنهن ۾ مبينا ڪرپشن ۔ ايران جي مقابلي ۾ يو اي اي جي مبينا حمايت ڪرڻ، تازو پڪڙيل منشيات جي ڊان پنڪي توڙي ٻيا الزام لڳايا پيا وڃن .مطلب ته  پ پ لاءِ هر پاسي کان پريشانيون ئي پريشانيون نظر اچي رهيون آهن

سنڌ ۾ پ پ مخالف اتحاد پنهنجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون آهن ۔ مسلم ليگ ف پاران پير راشد شاھ راشدي ۽ محمد خان جوڻيجو پاران جي يو آءِ  جو اڳواڻ مولانا فضل الرحمان، مولانا راشد سومرو، غلام مرتضا جتوئي، لاڙڪاڻي جي سومرن کان ويندي سنڌ جي هر ان سياستدان سان ملاقاتون ڪيون ويون آهن جيڪي پ پ خلاف ميدان عمل ۾ آهن،  پ پ مخالف مسلم ليگ ف ۽ ان جي اتحادين پاران امڪاني طور گرينڊ الائنس جوڙڻ کان پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا گرينڊ الائنس  پ پ کي سنڌ سياسي شڪست ڏئي سگهي ٿو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.