منشيات جي وبا ۽ تباهه ٿيندڙ نسل

اختر چنو

 ڏٺو وڃي ته مجموعي طور تي منشيات اسي واري ڏهاڪي ۾ تمام گهڻو زور پڪڙيو. اسي وارو سڄو ڏهاڪو سياسي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي لاءِ ڪاري دور طور ياد رکيو ويندو آهي. سرد جنگ دوران ٻن وڏين طاقتن هن ملڪ جي ماڻهن کي چيڀاٽڻ شروع ڪيو. ڊڪٽيٽر ضياءَ الحق اڇي ڪاري جو مالڪ هو. سياست تي بندش وڌي وئي هئي، هزارين سياسي ڪارڪنن کي جيل ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ شهيد ڪيو ويو هو. ذات پرستي کي سنڌ ۾ منظم طريقي سان سان هٿي وٺرائي وئي. قبيلائي تڪرارن کي قومي جهيڙي جي شڪل ڏني وئي. ڦرون، ڌاڙا، چوريون ۽ ماڻهو اغوا ڪرڻ هڪ انڊسٽري جي شڪل اختيار ڪري ويا. اهو سلسلو بدستور اڃان تائين جاري آهي. بنياد پرستن کي سياستدانن کان مٿانهون ڪري پيش ڪيو ويو. نه رڳو ايترو پر انهن کي قانون کان بالاتر سمجهي سياستدانن جي اڳيان آندو ويو هو.

هن وقت منشيات هڪ تمام وڏو ڪاروبار بڻجي وئي آهي. ملڪ جي ڪيترن ئي پوش علائقن کان ويندي غريب آبادين تائين منشيات وڪرو ٿئي پئي! ھيروئن ڪيئي گهر اجاڙي ڇڏيا آهن، وري هاڻي آئيس ۽ ڪوڪين گهر اجاڙي رهي آهي. منشيات جو استعمال تعليمي ادارن ۾ به تمام گهڻو ٿي رهيو آهي. اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽين ۾ ڪيترائي ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون منشيات واپرائن ٿا. هر هڪ ننڍي وڏي شهر ۾ ڪيترائي مئخانا آهن. ڀنگ، چرس ۽ آفيم ته ڪروڙين ماڻهو واپرائن ٿا پر سڀني کان خطرناڪ ۽ موت ڏيندڙ نشو آئيس ۽ ھيروئن آهي.

سنڌ ۾ تازو جيڪي منشيات فروشن خلاف ڪاروايون ٿي رهيون آهن اهو تمام سٺو عمل آهي. سنڌ ۾ ته چونڊيل نمائندن تي منشيات فروشن جي سرپرستي ڪرڻ جا الزام لڳندا رهيا آهن. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته منشيات ڪنهن به طاقتور ماڻهوءَ جي پٺڀرائي کان سواءِ نٿي کپائي سگهجي. يقين منشيات فروشن کي حد جي پوليس ۽ انتظاميا جي مڪمل حمايت حاصل هوندي آهي. سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڪارروايون تڏهن ٿي رهيون آهن

غريب ماڻهو ته مهانگو نشو نٿو ڪري سگهي پر اميراڻا ٻار شراب، آئيس ۽ ھيروئن جو استعمال وڏي پئماني تي ڪري رهيا آهن. پوليس، اينٽي نارڪوٽڪس ۽ ايڪسائيز کاتي کي وڏي پئماني تي منشيات خلاف ڪارروايون ڪرڻيون پونديون. بارڊرن تي تمام گهڻو چوڪس رهڻو پوندو. منشيات، روڊ، ريل رستي يا ٻين طريقن سان شهرن ۾ آساني سان پهچي رهي آهي. سنڌ جيڪي به ٻين صوبن کان گاڏيون اچن ٿيون انهن جي تمام گهڻي سخت چڪاس ڪرڻ گهرجي. پوليس کاتي ۾ جيڪي ڪاريون رڍون يا منشيات فروشن جا مددگار آهن انھن کي نوڪرين تان جيڪڏهن برطرف نه به ڪيو ٿا تڏهن به لائين حاضر ضرور ڪرڻ گهرجي. باقي منشيات فروشن کي قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن آئنده ڪوبه ماڻهو اهڙو ڪڌو ڪم نه ڪري سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.