اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ سڌي ريت ڳالهين جي ٻئي دور ۽ مستقل امن جي حوالي سان پراميد آهن.
پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اهي سندن تاريخ جا روشن لمحا آهن. سڄي دنيا ۾ پاڪستان کي هڪ ايماندار ۽ اهڙو ملڪ تسليم ڪيو ٿو وڃي جنهن تي عالمي قيادت کي اعتماد آهي. هي سندن روشن وقت آهي ۽ 24 ڪروڙ پاڪستانين جيان کيس به هڪ پاڪستاني هجڻ تي فخر آهي.
وزيراعظم چيو ته هو آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور ۽ مستقل امن جي حوالي سان پراميد آهي.
وزيراعظم چيو ته امن آساني سان ناهي ٿيندو. ان لاءِ صبر، ڏاهپ ۽ مشڪل حالتن ۾ فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت گهربل آهي. اسان جي پوري ڪوشش آهي ته اسلام آباد ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ٿيئي ۽ مستقل امن قائم ٿيئي، باقي سڀ الله جي هٿ ۾ آهي.
شهباز شريف چيو ته ڳالهين ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جو اهم ڪردار رهيو جيڪو تاريخ ۾ ياد رکيو ويندو. هتي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي کاتي جي وزير اسحاق ڊار جا به ٿورائتا آهيون جيڪي مسلسل پنهنجي منصوبن سان رابطي ۾ رهيا ۽ ڪوششون ڪيون.
وزيراعظم چيو ته گذريل مئي ۾ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ۾ صدر ٽرمپ وچ ۾ نه اچي هان ته ننڍي کنڊ ۾ وڏي تباهي ٿي وڃي هان ۽ ڪير ٻڌائڻ لاءِ به زنده نه بچي هان. هڪ سوال ۾ هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي نئين پاسي کي منهن ڏئي رهيو آهي جنهن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان، بي ايل اي ۽ ٻيا گروپ شامل آهن. افغانستان ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڪارروائي مجبوري تحت ڪئي.
هن چيو ته اسان ڪابل کي امن جو پيغام موڪليو پر اسان جا معصوم ماڻهو ماريا پيا وڃن ته اهڙي صورتحال ۾ ڪير به هجي ته ڇا ڪري؟ اسان خاموش ته نه رهون هان، اسان پنهنجا جوان وڃاياسين. اسان هميشا سٺا پاڙيسري ٿي رهڻ چاهيون ٿا. جيئن امن قائم هوندو ته ٻئي ملڪ خوشحال هوندا. هنن چيو ته اسان جي هڪ درخواست هئي ته دهشتگردن کي پنهنجي زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏبي.