سنڌ جون يونيورسٽيون يا شاگردن لاءِ سماجي درجابنديءَ جا ميدان؟

بختاور منصور

يونيورسٽيءَ کي عام طور علم، شعور، برابري ۽ فڪري آزاديءَ جي جاءِ سمجهيو ويندو آهي. اها اهڙي جڳهه هجڻ گهرجي جتي نوجوان پنهنجي قابليت، محنت ۽ فڪر جي بنياد تي اڳتي وڌن، پنهنجي سڃاڻپ کي نکارين ۽ سماج جي بهتر اڏاوت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پر سنڌ سميت پاڪستان جي ڪيترين ئي يونيورسٽين جي اندر هڪ اهڙو اڻ ڏٺل سماجي ڍانچو موجود آهي، جيڪو شاگردن جي علمي سفر کي سکيا جي عمل کان وڌيڪ پاڻ کي ثابت ڪرڻ جي جنگ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو.

يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندڙ هر شاگرد پنهنجي خوابن، اميدن ۽ خواهشن سان گڏ اچي ٿو. پر هو رڳو ڪتابن، اسائنمنٽن ۽ امتحانن کي منهن نٿو ڏئي؛ هو هڪ اهڙي سماجي ماحول سان به ٽڪرائجي ٿو، جتي سندس قابليت کان اڳ سندس لهجو، لباس، معاشي حيثيت، رهڻي ڪهڻي، علائقائي پسمنظر، سياسي وابستگي ۽ سماجي رابطن کي پرکيو وڃي ٿو. نتيجي طور ڪيترائي نوجوان تعليم حاصل ڪرڻ بدران پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۽ پاڻ کي قبول ڪرائڻ جي مسلسل ڪوشش ۾ ذهني ۽ جذباتي دٻاءُ جو شڪار ٿين ٿا.

سنڌ جي يونيورسٽين ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگرد مختلف سماجي، معاشي ۽ جاگرافيائي پسمنظرن سان واسطو رکن ٿا. ڪي وڏن شهرن جي نسبتاً بهتر تعليمي ادارن مان اچن ٿا، جتي کين انگريزي ٻولي، ڊجيٽل مهارتن ۽ جديد تعليمي ماحول سان اڳواٽ واقفيت هوندي آهي. ٻئي طرف ڪيترائي شاگرد ٻهراڙيءَ جي اهڙن علائقن مان اچن ٿا، جتي معياري تعليم، جديد ٽيڪنالاجي ۽ تعليمي سهولتن تائين رسائي محدود هوندي آهي.

جڏهن اهي ٻئي دنيائون يونيورسٽيءَ جي هڪ ئي ڪلاس روم ۾ ملن ٿيون، تڏهن هڪ خاموش مقابلو شروع ٿي وڃي ٿو. شهري پسمنظر رکندڙ شاگرد گهڻو ڪري وڌيڪ پراعتماد، سماجي طور سرگرم ۽ ماحول سان هم آهنگ نظر اچن ٿا، جڏهن ته ٻهراڙيءَ مان ايندڙ ڪيترائي شاگرد پنهنجي لهجي، ٻولي، لباس يا اظهار جي انداز سبب پاڻ کي گهٽ محسوس ڪن ٿا. ڪڏهن ڪڏهن کين پنهنجي اصل سڃاڻپ لڪائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي ته جيئن هو مذاق، لاتعلقي يا سماجي فاصلي کان بچي سگهن.

هي مسئلو رڳو شهري ۽ ٻهراڙيءَ جي فرق تائين محدود ناهي. امير ۽ غريب شاگردن جي وچ ۾ موجود معاشي تفاوت به يونيورسٽيءَ جي سماجي ڍانچي کي گهرو اثرانداز ڪري ٿو. هڪ پاسي اهي شاگرد آهن، جن لاءِ جديد گيجٽس، خانگي ٽرانسپورٽ، مهانگا ڪيفي، برانڊڊ لباس ۽ سماجي سرگرميون روزمرہ جي زندگيءَ جو حصو آهن. ٻئي پاسي اهي شاگرد آهن، جيڪي محدود وسيلن باوجود صرف تعليم جي سھاري پنهنجي مستقبل کي سنوارڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن.

اهڙي ماحول ۾ جڏهن ظاهري حيثيت قبوليت جو اڻ اعلانيل معيار بڻجي وڃي ٿي، تڏهن ڪيترائي باصلاحيت شاگرد احساسِ ڪمتريءَ جو شڪار ٿي وڃن ٿا. هو پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ لڳن ٿا، پنهنجي اصل حقيقت کان شرمائڻ لڳن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن سماجي قبوليت حاصل ڪرڻ لاءِ مصنوعي طرزِ زندگي اختيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. اها جدوجهد سندن ذهني سڪون، خوداعتمادي ۽ علمي ڪارڪردگيءَ تي منفي اثر وجهي ٿي.

جيڪڏهن سرڪاري ۽ خانگي يونيورسٽين جو تقابلي جائزو وٺجي ته ٻنهي جا پنهنجا الڳ دٻاءُ آهن. خانگي يونيورسٽين ۾ اڪثر معاشي ۽ سماجي حيثيت جي نمائش وڌيڪ نمايان نظر اچي ٿي. هتي شاگردن لاءِ قبوليت جا اڻ لکيل معيار گهڻو ڪري ظاهري ڏيک، انگريزي لهجي، سماجي exposure ۽ lifestyle سان جڙيل هوندا آهن. محدود وسيلن وارا شاگرد ان ماحول ۾ پاڻ کي اڪيلو يا اوپرو محسوس ڪن ٿا.ٻئي طرف سرڪاري يونيورسٽين ۾ معاشي گهٽ وڌائيءَ جي عنصر سان گڏ هڪ ٻيو اهم عنصر پڻ آھي جيڪو شاگردن تي ڳوڙھو اثر وجهي ٿو اھو آھي شاگرد سياست. شاگرد سياست پنهنجي اصل روح ۾ شعور، قيادت ۽ اجتماعي حقن جي جدوجهد جو ذريعو هجڻ گهرجي، پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ڪيترين سرڪاري يونيورسٽين ۾ اها گروه بندي، طاقت جي اظهار ۽ سياسي صف بندين جو اوزار بڻجي وئي آهي.

ڪيترائي شاگرد، خاص طور نوان ايندڙ شگرد، پاڻ کي ڪنهن نه ڪنهن گروهه سان جوڙڻ کي پنهنجي بقا جو ذريعو سمجهن ٿا. کين لڳي ٿو ته جيڪڏهن هو ڪنهن سياسي، لساني يا علائقائي گروه سان لاڳاپيل نه هوندا ته هو اڪيلائيءَ جو شڪار ٿي ويندا. نتيجي طور سندن ڌيان تعليم بدران سماجي ۽ سياسي طاقت جي راند ڏانهن منتقل ٿي وڃي ٿو.

سرڪاري يونيورسٽين ۾ علائقائي، لساني ۽ سياسي سڃاڻپ جو دٻاءُ جڏهن ته خانگي ادارن ۾ معاشي ۽ سماجي حيثيت جو دٻاءُ، ٻنهي حالتن ۾ نوجوانن کي پنهنجي اصل سڃاڻپ کان پري ڪري ٿو. هو سکڻ ۽ سوچڻ بدران مسلسل اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ته هو به هن سماجي ڍانچي ۾ جاءِ رکن ٿا. سڀ کان ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه اها آهي ته هي دٻاءُ خاموشي سان نوجوانن جي نفسياتي صحت کي متاثر ڪري ٿو. احساسِ ڪمتري، سماجي پريشاني، اڪيلائي،نشي جو واھپو، خودڪشي ۽ ذهني دٻاءُ ڪيترن شاگردن جي روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي وڃن ٿا. ڪجهه شاگرد خاموش ٿي وڃن ٿا، ڪجهه پاڻ کي الڳ ڪري ڇڏين ٿا، جڏهن ته ڪجهه ظاهري قبوليت لاءِ پنهنجو اصل وجود وڃائي ويهن ٿا.

سوال اهو آهي ته ڇا اسان جون يونيورسٽيون واقعي برابريءَ جا مرڪز آهن يا سماج جي طبقاتي ورهاست جو عڪس؟ تعليمي ادارن کي صرف ڊگريون ورهائڻ وارا مرڪز نه هجڻ گهرجن. انهن کي اهڙا فڪري ۽ سماجي ماحول پيدا ڪرڻا پوندا جتي شاگردن کي سندن لهجي، لباس، علائقي، سياسي وابستگي يا معاشي حيثيت بدران سندن فڪر، تحقيق ۽ صلاحيت جي بنياد تي سڃاتو وڃي. ان لاءِ ضروري آهي ته يونيورسٽين ۾ inclusive orientation programs متعارف ڪرايا وڃن، جتي مختلف پسمنظرن مان ايندڙ شاگردن جي سماجي انضمام يا ڳانڍاپي تي ڪم ڪيو وڃي. نفسياتي صلاح مشوري جا فعال مرڪز بڻايا وڃن. شاگرد سياست کي ضابطن ۽ علمي قدرن جي دائري ۾ آندو وڃي. اهڙا فورم قائم ڪيا وڃن جتي شهري ۽ ٻهراڙيءَ، امير ۽ غريب، مختلف ٻولين ۽ علائقن سان تعلق رکندڙ شاگرد هڪ ٻئي کي سمجهي سگهن.

استادن جي ذميواري به گهٽ ناهي. کين ڪلاس روم ۾ اھڙو ماحول پيدا ڪرڻو پوندو جتي هر آواز کي اهميت ملي، هر لهجي کي عزت ملي ۽ هر شاگرد پاڻ کي قابلِ احترام محسوس ڪري ڇو ته يونيورسٽيءَ جو ڪم ڊگري ڏيڻ ناهي؛ پر گڏوگڏ اهو امتحان پڻ آهي ته اها پنهنجي دروازن مان نڪرندڙ نوجوانن کي وڌيڪ آزاد ذهن، وڌيڪ بااعتماد ۽ وڌيڪ انسان دوست بڻائي نه ڪي کين احساسِ ڪمتري، گروهبندي ۽ مصنوعي مقابلي جي ور چاڙھي.

جيڪڏهن اسان پنهنجي يونيورسٽين کي سماجي درجابنديءَ جا ميدان بڻجڻ ڏيون ٿا ته اسان رڳو شاگردن جو مستقبل نه وڃائينداسين، پر هڪ اهڙو سماج به وڃائينداسين جيڪو برابري، فڪر ۽ انصاف تي بيهڻ گهرجي. تعليم جو مقصد پاڻ کي بدلائي قبوليت حاصل ڪرڻ ناهي؛ تعليم جو مقصد اهو هجڻ گهرجي ته نوجوان پنهنجي اصل سڃاڻپ سان ايترا مضبوط ۽ پر اعتماد ٿين جو کين ڪنهن به سماجي ڍانچي ۾ پاڻ کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت ئي نه پوي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.