”پيٽرول پمپن تي نگراني آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو“

ڍاڪا(عوامي آواز نيوز)بنگلاديش جي حڪومت عالمي توانائي جي خدشن ۽ ٻارڻ جي فراهمي بابت وڌندڙ ڳڻتي کي نظر ۾رکندي ملڪ جي سمورن پيٽرول پمپن تي خاص نگراني آفيسر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جن کي “ٽيگ آفيسر” سڏيو ويندو۔سرڪاري بيان موجب هي فيصلو توانائي ۽ معدني وسيلن واري ڊويزن جي سيڪريٽري محمد سيف الاسلام جي صدارت هيٺ ٿيندڙ هڪ ورچوئل اجلاس ۾ ڪيو ويو۔حڪومتي هدايتن تحت ملڪ جي هر فيول اسٽيشن لاءِ هڪ ٽيگ آفيسر مقرر ڪيو ويندو۔ ڍاڪا ۽ چٽگانگ جهڙن وڏن شهري علائقن ۾ انهن مقررين جي نگراني بنگلاديش پيٽروليم ڪارپوريشن ڪندي۔ٻين ضلعن ۽ ڊويزنل شهرن ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسر نامزد ڪندا، جڏهن ته تحصيل سطح تي اها ذميواري اپازيلا نرواهي آفيسرن کي سونپي ويندي۔حڪومت جي منصوبي موجب ٽيگ آفيسر ٻارڻ جي ورهاست ۽ انتظامي معاملن جي نگراني ڪندا ۽ توانائي ۽ معدني وسيلن واري ڊويزن ۽ بنگلاديش پيٽروليم ڪارپوريشن جي هدايتن تي عمل يقيني بڻائيندا۔ انهن کي شفافيت ۽ جوابدهي برقرار رکڻ لاءِ روزاني بنياد تي رپورٽون جمع ڪرائڻيون پونديون۔اختيارين موجب هن قدمن جو مقصد بهتر رابطا، بي ضابطگين جي روڪٿام ۽ عالمي منڊي ۾ اُٿل پٿل دوران ٻارڻ جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.