ڇا هاڻي! اٽي، لٽي ۽ اجهي جي واعدي تي گذارو ٿيندو؟

تحرير: سڪندر چنو

پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي واحد وڏي سياسي جماعت آهي جنهن جو بنيادي منشور ۽ سلوگن ملڪ جي عوام جي ترجماني ڪري ٿو۔ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جنهن پاڪستان کي خودمختيار ايٽمي قوت بڻايو۔ سندس نفسياتي سوچ ۽ ملڪ جي جاگيرداري نظام سان ويڙهه ۽ مقابلو صرف ۽ صرف غريب، بيروزگار، سرمايادار طبقي جو ماريل مزدور، هاري، پورهيت لاءِ هيو۔ ۽ اٽو، لٽو ۽ اجهي جو سلوگن يعني نعرو به ان جو هڪ تسلسل هو۔ امير، زميندار، جاگيردار ۽ سرمائي دار کي نه سج لهڻ جي خبر هوندي آ ۽ نه وري ان طبقي کي سج اڀرڻ جي۔ اصل پريشاني ۽ تڪليف هاري، مزدور، پورهيت کي هوندي آهي۔ انهن سڀني ڳالههين کي نظر ۾ رکندي پيپلز پارٽي جو بنيادي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي نعري تي جوڙيو ويو۔ ڇاڪاڻ ته طاقت جو سرچشمو هونءَ به عوام ئي آهي۔ ڀلي صديون گذري وڃن پر طاقت مزدور هاري ۽ پورهيت وٽ آهي۔ يعني اليڪشن جي ڏينهن ووٽ ڏيڻ وقت به اميدوار کي آسمان کان زمين تي ۽ زمين کان آسمان تي عوام ئي پهچائي ۽ ڪيرائي سگهي ٿو۔ توهان ڏٺو هوندو ته اليڪشن دوران اميدوار هڪ پورهيت هاري، مزدور جيڪو پگهر جي بدبوءِ ۾ شل هوندو آهي ان کي به وقتي طور راضي رکڻ لاءِ ڀاڪر پاتو ويندو آهي

ته جيئن ان جي نفسياتي سوچ کي يڪسر تبديل ڪري سگهجي۔ سو قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به ملڪ جي عوام ۾ شعور پيدا ڪيو۔ سو منهنجي نماڻي گذارش صدر آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري کي ته آءُ به پورهيت آهيان۔ روزانو مزدوري ڪري پيٽ جي باهه واري ڀڀڙ مٿان پاڻي هاريندو آهيان۔ سنڌ ۾ هاڻي اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ ۾ پيپلز پارٽي سڀني پارٽين کان اڳڀري رهي آهي ۽ رهندي اچي پئي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ اجهي يعني گهرن ڏيڻ جو جيڪو پروگرام شروع ڪيو آهي ان جو مثال تاريخ ۾ نه ٿو ملي ۽ ان پروگرام کي پي پي مخالف به ڪچهرين ۾ ساراهيندا آهن۔ اَٽي يعني ڳڀي ڏيڻ ۾ پي پي واحد جماعت آهي جنهن نه رڳو سنڌ پر پوري ملڪ ۾ وافر مقدار ۾ بيروزگار نوجوانن کي سرڪاري ملازمتون ڏئي خاندانن کي فاڪاڪشي کان بچايو آهي ۽ انهن خاندانن جي چلهه مان دونهون نڪري رهيو آهي۔ لٽي سان ماڻهوءَ جي جان ڍڪڻ لاءِ بيروزگاري کي ختم ڪرڻ لاءِ پي پي سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن جو چار وڇايو ويندو آهي۔ جنهن سان مزدور کي روزگار ملندو آهي ۽ آرام سان مزدور پورهيت پنهنجي بچڙن ۽ پريوار جي لنڱن تي ڪپڙو مهيا ڪندو آهي۔ پر معذرت سان هاڻي انهن ٽنهي لفظن مان گذارو ڪٿي ٿو ٿئي۔ دوستن سان بث مباحثي دوران اهي ڳالههيون به سامهون اينديون آهن ته اَٽي، لٽي، اجهي سان گڏ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ۽ ساهه کڻڻ لاءِ صاف سٿري هوا ۽ عوام کي ٻوسٽ واري ماحول مان نجات ڏيڻ لاءِ شهرن ۾ تفريحي پارڪن جي اشد ضرورت هجي ٿي۔ هن مهنگائي ۽ پريشاني واري ماحول ۾ تفريحي پارڪ وقتي طور ماڻهوءَ لاءِ آڪسيجن بڻجي وڃي ٿو ورنه اڄ ته ماڻهو ڄڻ ڪه ڪوما يعني بيهوشي واري وينٽيليٽر تي آهي۔ اهڙو ئي ماحول پيپلز پارٽي جي ايم پي اي پي ايس 13 ڏوڪري تان چونڊيل اميدوار عادل الطاف خان انڙ ڏوڪري ٽائون جي شهرين کي مهيا ڪري ڏنو آهي ۽ ڏوڪري لب دريا پبلڪ واڪنگ تحريڪ پارڪ ڏنو آهي۔ پيپلز پارٽي جو ڏوڪري ٽائون جي شهرين سان وائدو ٿيل هو جنهن جي تڪميل ايم پي اي عادل الطاف حسين خان انڙ ۽ سندس ڀاءُ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جي ميمبر عدنان الطاف حسين انڙ گذريل هفتي پارڪ جو افتتاح ڪري ڪيو آهي۔.

بحرالحال اڄ به سنڌ جي اڪثر ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ماڻهو فضائي آلودگي کان علاوه فلورائيڊ آميز پاڻي مجبورن استعمال ڪن ٿا ۽ ان پاڻي ۾ سينکو مليل آهي جنهن سان ماڻهو مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن۔ هن وقت به تقريبًا سنڌ جي 10 هزار ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا نه آهي ۽ ماڻهو زهريلو پاڻي پي رهيا آهن۔ تعلقي ڏوڪري جي باڊهه شهر سميت آس پاس جي علائقن ۾ مٺو ۽ صاف پاڻي ميسر ناهي۔ ماڻهو مجبورن 10-10 ڪلوميٽرن کان پري مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ پري اچن ٿا۔ ان کان علاوه موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش جوڻيجو، ڳوٺ شير محمد جوڻيجو، نصيرآباد تعلقي جي آس پاس ڳوٺن جن ۾ واسو ڪلهوڙو، رشيد وڳڻ، ڳيريلو، قلي، محراب سنديلو ۽ ٻين ڳوٺن ۾ صاف پاڻي جي حاصلات لاءِ ماڻهو پري پري کان پيئڻ لاءِ پاڻي کڻي اچن ٿا۔ وڏي ڳالهه ته لاڙڪاڻي شهر جو ڊفينس هائوسنگ سڏجندڙ سچل ڪالوني جنهن ۾ ٽوٽل امير ماڻهو، ڊاڪٽر، وڪيل، جج، استاد ۽ بزنيس ٽائيڪون رهن ٿا ان جي جر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي۔ پر مٺي پاڻي لاءِ ڪوبه جوڳو بندوبست نه ڪيو ويو آهي۔ ان کان علاوه نئون ديرو چوڪ لاڙڪاڻي شهر جو پاڻي به کارو ٿي ويو آهي۔ آخرڪار ماڻهو شڪايت ته ڪن ٿا پر ازالو نه ٿو ٿئي۔ هن وقت به ڪراچي ۾ ڪروڙن جو روزانو پاڻي چوري ٿئي ٿو۔ ان لاءِ اٽو، لٽو ۽ اجهو پڻ ضروري آهي۔ ان کان سواءِ زندگي به نامڪمل آهي۔ پر ان کان اڳتي به اڃان سنڌ واسين جي ضرورت آهي يعني پيئڻ لاءِ صاف پاڻيءَ جي۔ صحت هوندي ته ماڻهو چري پري سگهندو ۽ بدقسمتيءَ سان صحت جي حوالي سان انهن ڳالههين ۾ غير معمولي گهٽتائي ٿي رهي آهي۔ پوري ملڪ ۾ چئني طرفن کان صرف مسئلا ئي مسئلا آهن۔ ايران، اسرائيل آمريڪا جنگ، آءِني مسئلا، سياسي ويڙهه جا مسئلا، مذهبي مسئلا، علائقن جا مسئلا، تعليمي مسئلا، صحت جا مسئلا، ملڪ جي دفاع جا مسئلا، بيروزگاري ۽ مهانگائي جا مسئلا۔ پر اسان کي اهيا به خبر هوندي آهي ته جتي وسيلا ناهن هوندا۔ اتي مسئلا ئي مسئلا هوندا آهن۔ بحرالحال ماڻهن جو هر مسئلو معاشي مسئلن سان ڳنڍيل هوندو آهي۔ ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيڻ سبب ماڻهو پريشانين ۾ مبتلا ٿي رهيا آهن۔ جيڪڏهن ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿيندا۔ يا انهن مسئلن جي حل جي رفتار گهٽ هوندي ته پوءِ پريشان حال عوام جو پريشان ٿيڻ هڪ فطري عمل بڻجي وڃي ٿو۔ الائجي ڇو مون کي محسوس ٿي رهيو آهي۔ ته عوام آهسته آهسته عدالتن، چونڊيل نمائندن، انتظاميا کان مايوس ۽ بدظن ٿي رهيا آهن۔ ۽ جمهوري ادارا مضبوط نه ٿي رهيا آهن۔.

 جنهن جي ڪري به عوام مايوسي جي نه کٽندڙ رستي تي هلي پيو آهي۔ پاڪستان ۾ جهڙي طرح مهانگائي خاص ڪري ايران آمريڪا جنگ دوران پنهنجا زهريلا چنبا مضبوط ڪيا آهن ان سان به عوام سخت مايوس ۽ پريشان حال آهي۔ حالانڪه ڀارت ۾ تازو پيٽرول جو 10 روپيه في ليٽر گهٽ ڪيو آهي۔ پر پاڪستان جو وزيراعظم هڪ ڌڪ ۾ 65 روپيه في ليٽر مهانگو ڪري عوام کي زنده ئي دفن ڪري ڇڏيو آهي۔ عوام بيروزگاري ۽ غربت سبب خودڪشيون ڪرڻ تي هلي پيو آهي۔ عوام کي ملڪ جي مسئلن سان ڪابه دلچسپي نه رهي آهي۔ ماڻهو پنهنجن مسئلن ۾ ڦاسي پيا آهن۔ ويهين صدي جي عظيم دانشور ۽ مفڪر رومان رولان چيو هو ته جيڪڏهن ڪٿي زندگيءَ جو سڪون وٺي سگهجي ٿو۔ جتي جي تهذيب ۽ تمدن مان زندگي جو مزو ماڻي سگهجي ٿو۔ ماڻهوءَ جا سڀ ارمان ۽ خواب پورا ٿين ٿا ته اها جڳهه صرف سنڌ ئي آهي۔ سنڌ امن جو گهر آهي۔ سنڌ حڪومت لاءِ وڏو چيلينج سنڌ جي انهن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ جتي به پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي يا ڳوٺن ۾ انهن مسئلن جي حل نه ٿيڻ سبب مايوس ۽ پريشان آهن۔ ته پوءِ ان مايوسي واري باهه کي ڪير وسائيندو؟ سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته سنڌ حڪومت اڳيان هڪ وڏو مسئلو صاف پاڻي جو آهي ان اهم مسئلي کي ڪيئن حل ڪيو ويندو؟ اَٽو، لٽو اجهو به تمام ضروري آهي۔ پر ان کان اڳتي سنڌ جي ماڻهن جو وڏو مسئلو مٺو ۽ صاف پاڻي جي مُهياي آهي۔ سنڌ جو عوام پي پي جو آهي ۽ پي پي سنڌ جي عوام جي حقن جي حفاظت ڪندڙ جماعت آهي ۽ پي پي خلاف اتحاد ٺهندا رهيا آهن۔ 1969 کان وٺي ٻڌايو وڃي ته پي پي جي مقبوليت تي ڪوبه فرق پيو آهي؟ ته پوءِ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه توڙي پي پي قيادت کي ڪالم وسيلي گذارش ته سنڌ جي اڪثر شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي زهريلو ٿي ويو آهي ۽ پاڻي ۾ سينکيو موجود آهي۔ خدارا عوام کي صاف پاڻي مهيا ڪري ڏيڻ لاءِ خاص توجه ڏني وڃي۔ پي پي ايم پي اي عادل الطاف خان انڙ تازو باڊهه جي عوام ۽ ان جي پسگردائي وارن علائقن کي صاف ۽ مٺو پاڻي ڏيڻ لاءِ 3 ڪروڙن جي اسڪيم جو افتتاح پڻ ڪيو آهي۔ جنهن سان پارٽي مضبوط ٿيندي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.