تهران/تل ابيب(ع آ نيوز) آمريڪا ۽ اسرائيل پاران ايران خلاف شروع ڪيل جنگ کي هڪ مهينو ٿي چڪو آهي. 28 فروري تي شروع ٿيل هن جنگ ۾ آمريڪا، ايران ۽ اسرائيل سميت ڪيترن ئي نار جي ملڪن کي وڏو نقصان ٿي چڪو آهي . آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ايران جي جوهري ۽ عسڪري انفراسٽرڪچر تي وڏن حملا ڪيو. جنهن جي نتيجي ۾ تهران، اصفهان ۽ نطنز سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ ڌماڪا ٿيا. شروعاتي حملن ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنہ ای ۽ ڪيترن اعليٰ عسڪري عهديدار شهيد ٿيا.ان دوران آمريڪا جو هڪ ٽوماهاڪ ميزائل ميناب ۾ ٻارن جي هڪ اسڪول تي ڪري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ 170 ٻارڙا شهيد ٿيا. ن ڏينهن ايران پنهنجي جواب ۾ ’آپريشن وعده صادق 3‘ شروع ڪيو ۽ سوين ڊرونز ۽ ميزائل اسرائيل ۽ خليج ۾ آمريڪي اڏن ڏانهن اماڻيا، جنگ جي پهرين هفتي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ايران جي هڪ هزار کان وڌيڪ عسڪري اڏن تي حملو ڪيو. اهڙي طرح قطر ۾ ’راس لفان‘ ايل اين جي پلانٽ تي ايران جي ميزائلن جو اثر ٿيو، جنهن سبب عالمي توانائي جي فراهمي ۾ خلل آيو.جنگ جي پهرين هفتي جي آخر تائين تيل جي عالمي قيمت 90 ڊالر في بيرل کان وڌي وئي، جڏهن ته جنگ کان اڳ اها 70 ڊالر تقريبن هئي. ان سان گڏوگڏ پوري علائقي ۾ سول ايئوي ايشن (شھري هوابازي) جون سرگرميون محدود ڪيون ويون. 7 مارچ کان 14 مارچ جي وچ ۾ جنگ جو دائرو لبنان، شام ۽ عراق تائين وڌي ويو. حزب الله اتر اسرائيل تي راڪيٽن جي بارش ڪري ڇڏي، جنهن جي جواب ۾ اسرائيل بيروت جي ڏاکڻين حصن تي شديد بمباري ڪئي. ان دوران ايران پنهنجي نئين سپريم ليڊر جو چونڊ ڪيو ۽ باضابطه طور تي آبناءِ هرمز کي ’بند‘ ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ۽ پاسداران انقلاب ڌمڪي ڏني ته آمريڪي ۽ اسرائيلي جهازن کي ڏسڻ ۾ ئي تباهه ڪيو ويندو. ايران ڪيترن بحري جهازن کي نشانو بڻايو. ان جي نتيجي ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي فراهمي ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿي. يمن جي حوثي باغين ڳاڙهي سمنڊ ۾ سعودي عرب جي واپاري جهازن تي حملن شروع ڪري ڇڏيا. ان جي نتيجي ۾ سعودي عرب جي تيل جي پيداوار ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، ۽ عالمي تيل جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو. هي جنگ نه صرف علائقي جي سياسي ۽ اقتصادي صورتحال تي اثرانداز ٿي رهي آهي، پر ان سان عالمي توانائي جي فراهمي ۾ خلل ۽ عالمي منڊين ۾ بي يقيني جي صورتحال پڻ پيدا ٿي رهي آهي.