اسلام آباد (بيورو) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وچ اوڀر جي صورتحال تي صلاح مشورن لاءِ سعودي عرب، ترڪي ۽ مصر جا پرڏيهي وزير اسلام آباد پهتا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته اهي وفد وزيراعظم شهباز شريف سان پڻ ملاقات ڪندا. اسحاق ڊار چيو ته اسان نيڪ نيتي سان تڪرار ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڀ دوست ملڪ ڀرپور سهڪار ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران سان به مسلسل رابطا آهن، پر حساس معاملو هجڻ ڪري ميڊيا تي تفصيل ڏيڻ کان پاسو ڪيو پيو وڃي. واضح رهي ته آمريڪا پاڪستان جي وچولي ذريعي ايران کي جنگ بندي لاءِ 15 نقاطي فارمولو پيش ڪيو هو، جنهن جو جواب پڻ پاڪستان ذريعي ئي واشنگٽن تائين پهچايو ويو آهي. هنن اهم ملاقاتن سان خطي ۾ امن جي ڪوششن کي نئين هٿي ملڻ جو امڪان آهي.